|
| 1 |
|
| اي زمين جا سڀ رهاڪو، خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو. |
|
| 2 |
|
| هن جي نالي جي جلال جو گيت ڳايو: سندس تعريف جو جلال ظاهر ڪريو. |
|
| 3 |
|
| خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا. |
|
| 4 |
|
| سڄي ڌرتي توکي سجدو ڪندي، ۽ تنهنجي حضور ۾ ڳائيندي؛ اُهي تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندا. |
|
| 5 |
|
| اچو ۽ خدا جا ڪم ڏسو؛ بني آدم جي حق ۾ سندس ڪم هيبتناڪ آهن. |
|
| 6 |
|
| هن سمنڊ کي ڦيرائي سُڪي زمين ڪيو: اهي درياهہ مان پنڌ هليا ويا: هن جي ڪري اسان اتي خوشيون ڪيون. |
|
| 7 |
|
| هو پنهنجيءَ قدرت سان هميشہ جي لاءِ حڪمراني ٿو ڪري: هن جون اکيون قومن کي ڏسن ٿيون: فسادي پاڻ کي نہ پڏائين. |
|
| 8 |
|
| اي قومون، اسان جي خدا کي مبارڪ چئو، ۽ هن جي تعريف جو آواز ٻڌايو: |
|
| 9 |
|
| هو اسان جي جان کي جيئرو ٿو رکي، ۽ اسان جي پيرن کي ترڪڻ نٿو ڏئي. |
|
| 10 |
|
| ڇالاءِ جو اي خدا تو اسان کي آزمايو آهي: جيئن چانديءَ کي پرکبو آهي تيئن تو اسان کي پرکيو آهي. |
|
| 11 |
|
| تو اسان کي ڄار ۾ وڌو؛ تو اسان جي پٺيءَ تي ڳورو بار رکيو آهي. |
|
| 12 |
|
| تو سوارن کي اسان جي مٿي تان لنگهايو: اسين باهہ ۽ پاڻيءَ مان لنگهياسين؛ پر تو اسان کي ڪڍي آباد هنڌ تي آندو. |
|
| 13 |
|
| آءٌ سوختني قربانيون کڻي تنهنجي گهر ايندس، ۽ تو وٽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس. |
|
| 14 |
|
| جي مصيبت جي وقت منهنجن چپن مان نڪتيون، ۽ مون پنهنجي وات سان مڃيون. |
|
| 15 |
|
| آءٌ تنهنجي حضور ۾ متارن جانورن جون سوختني قربانيون، گهٽن جي خوشبوءِ سان گڏي چاڙهيندس؛ آءٌ ڍڳا ۽ ٻڪر پيش ڪندس. |
|
| 16 |
|
| اوهين سڀيئي جن کي خدا جو ڊپ آهي سي اچي ٻڌو؛ جيڪي هن منهنجيءَ جان لاءِ ڪيو آهي تنهن جو آءٌ بيان ڪندس. |
|
| 17 |
|
| مون پنهنجي وات سان هن کي پڪاريو، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي تعريف ڪيم. |
|
| 18 |
|
| جيڪڏهن منهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي هجي ها، تہ خداوند منهنجي ڪين ٻڌي ها: |
|
| 19 |
|
| پر خدا سچ پچ منهنجي ٻڌي آهي؛ هن منهنجي دعا جي آواز تي ڪن ڏنو آهي. |
|
| 20 |
|
| مبارڪ هجي خدا جنهن منهنجي دعا رد نہ ڪئي آهي، نڪي پنهنجو رحم مون تان هٽايو اٿس. |
|
|
|
|