Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| شل خدا اسان تي رحم ڪري، ۽ اسان کي برڪت ڏئي، ۽ پنهنجو چهرو اسان تي چمڪائي: |
| 2 |
| تہ تنهنجي واٽ زمين تي ظاهر ٿئي، ۽ سڀني قومن کي تنهنجي نجات جي خبر پوي. |
| 3 |
| اي خدا ڀلي تہ ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن؛ ۽ سڀيئي ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن. |
| 4 |
| ڀلي تہ قومون خوشيون ڪن ۽ سرهائي جا گيت ڳائين: ڇو جو تون سچائيءَ سان ماڻهن جو انصاف ڪندين، ۽ زمين جي سڀني قومن تي حڪومت ڪندين. |
| 5 |
| اي خدا ڀلي تہ ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن، ۽ سڀيئي ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن. |
| 6 |
| زمين پنهنجي پيداوار وڌائي آهي: خدا، اسان جو ئي خدا، اسان کي برڪت ڏيندو. |
| 7 |
| خدا اسان کي برڪت ڏيندو؛ ۽ زمين جي ڇيڙي تائين سڀيئي ماڻهو کانئس ڊڄندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/067.mp3
150
67