Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خداوند، منهنجا خدا، منهنجو ڀروسو تو تي آهي: جيڪي منهنجي پٺيان پيا آهن تن سڀني کان مون کي بچاءِ ۽ ڇڏاءِ. |
| 2 |
| ائين نہ ٿئي تہ جڏهن ڪو بچائڻ وارو نہ هجي، تڏهن هو شينهن وانگي مونکي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري. |
| 3 |
| اي خداوند، منهنجا خدا، جيڪڏهن مون هي ڪيو آهي؛ جيڪڏهن منهنجي هٿان ڪا بڇڙائي ٿي آهي؛ |
| 4 |
| جيڪڏهن مون ڪنهن سان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڪئي آهي. (پر مون تہ پاڻ انهي کي بچايو آهي جو بي سبب منهنجو دشمن هو:) |
| 5 |
| تہ ڀلي دشمن منهنجيءَ جان جي پٺيان پوي، ۽ مون کي جهلي؛ هائو، ڀلي تہ هو منهنجيءَ حياتي کي لتاڙي ۽ منهنجي وڏائيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي. |
| 6 |
| اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي. |
| 7 |
| تنهنجي چوڌاري ماڻهن جي جماعت گڏ ٿئي: ۽ تون انهن تان آسمان ۾ موٽي وڃ. |
| 8 |
| خداوند ماڻهن جي عدالت ٿو ڪري: اي خداوند، منهنجي راستبازيءَ ۽ منهنجي سچائيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر. |
| 9 |
| شل بڇڙن جي بڇڙائي بند ٿي وڃي، پر تون راستبازن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو سچو خدا دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهي. |
| 10 |
| منهنجي ڍال خدا وٽ آهي؛ هو دل جي سچارن کي بچائي ٿو. |
| 11 |
| خدا سچو منصف آهي؛ بلڪ اهڙو خدا جو هر روز غصي ٿو ٿئي. |
| 12 |
| جيڪڏهن ماڻهو نہ پڇتائيندو، تہ هو پنهنجي ترار تيز ڪندو؛ هن پنهنجي ڪمان چاڙهي تيار ڪئي آهي. |
| 13 |
| هن انهي جي لاءِ موت جا هٿيار بہ تيار ڪيا آهن؛ هو پنهنجن تيرن کي باهہ جهڙا ٿو بنائي. |
| 14 |
| ڏس، هن کي بدڪاريءَ جا سور ٿيا آهن؛ ۽ بڇڙائي پيٽ ۾ اٿس، ۽ ڪوڙ کي ٿو ڄڻي. |
| 15 |
| هن کڏ کوٽي اونهي ڪئي، پر جا کڏ هن کوٽي، تنهن ۾ پاڻ ئي ڪري پيو. |
| 16 |
| هنن جي لچائي خود سندس مٿي تي اچي پوندي، ۽ هنن جو ظلم خود سندس ڪاپار تي ڪڙڪندو. |
| 17 |
| آءٌ تہ خداوند جي سچائيءَ موجب سندس ٿورا مڃيندس؛ ۽ خداوند تعاليٰ جي نالي جي تعريف پيو ڳائيندس. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/007.mp3
150
7