|
| 1 |
|
| اي خداوند ، منهنجا خدا! آءٌ تنهنجي پناهہ وٺان ٿو، جيڪي منهنجو پيڇو ڪن ٿا تن کان مون کي بچاءِ. |
|
| 2 |
|
| ائين نہ ٿئي جو اهي بگھڙ وانگر اچي مون کي پڪڙين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين، جتي مون کي بچائڻ وارو بہ نہ هجي. |
|
| 3 |
|
| اي خداوند ، منهنجا خدا! جيڪڏهن منهنجي هٿن مان ڪو ظلم جو ڪم ٿيو آهي، يا جيڪڏهن ڪنهن دوست سان مون نيڪيءَ جي بدلي بدي ڪئي آهي، بلڪ دشمن جي بديءَ جي بدلي ۾ بہ جيڪڏهن نيڪي ڪري کيس نہ بچايو اٿم، هائو، جيڪڏهن مون کان اهڙو ڪو ڪم ٿيو آهي، |
|
| 4 |
|
|
|
| 5 |
|
| تہ پوءِ ڀل مخالف منهنجي پٺيان پون ۽ مون کي اچي پڪڙين. هائو، ڀل اهي منهنجي حياتي لتاڙين، ۽ منهنجي لاش کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏين. |
|
| 6 |
|
| اي خداوند! تون پنهنجي قهر وَ غضب سان اُٿ، تون منهنجي دشمنن جي غضب آڏو اُٿي کڙو ٿيءُ. اُٿ، اي خداوند! منهنجي مدد ڪر، ۽ حڪم ڏي تہ جيئن انصاف ٿئي. |
|
| 7 |
|
| هائو، سڀني قومن کي پنهنجي آڏو آڻي گڏ ڪر، ۽ انهيءَ ميڙي جي مٿان تون عرش تان پنهنجو حڪم هلاءِ. |
|
| 8 |
|
| اي خداوند! انسانذات جو انصاف ڪندڙ تون ئي آهين. سو منهنجي سچائيءَ ۽ صداقت موجب منهنجو انصاف ڪر. |
|
| 9 |
|
| تون بڇڙن جي بڇڙائيءَ جو خاتمو ڪر، ۽ سچارن کي قائم وَ دائم رک، ڇاڪاڻ تہ اي سچا خدا! تون ئي دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهين. |
|
| 10 |
|
| بيشڪ خدا ئي منهنجو محافظ آهي. اهو ئي دل جي سچارن کي بچائي ٿو. |
|
| 11 |
|
| بيشڪ خدا ئي سچو انصاف ڪندڙ آهي، هائو، اهڙو خدا جيڪو روزانو بدڪارن کي غصو ٿو ڏيکاري. |
|
| 12 |
|
| پوءِ جيڪڏهن اهي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ايندا، تہ هو پنهنجي تلوار کي تيز ڪندو، ۽ پنهنجي تيرڪمان کي ڇڪي تيار ڪندو. |
|
| 13 |
|
| هو پنهنجي تيرن کي باهہ جا شعلا بڻائي ڇڏيندو. هائو، هو بدڪارن لاءِ موت جا هٿيار تيار ڪندو. |
|
| 14 |
|
| ڏسو، بدڪارن کان ڪيئن نہ بدڪاري اڀامي ٿي نڪري، بڇڙائيءَ جو ڪُنو چاڙهي اهي ڪوڙ کي پچائي ڪڍين ٿا. |
|
| 15 |
|
| هو ٻين جي لاءِ اونهي کڏ کوٽين ٿا، پر پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ پاڻ ئي وڃيو ڪرن ٿا. |
|
| 16 |
|
| هنن جي لچائي موٽي اچي خود انهن جي مٿان پوي ٿي. هو جيڪو ظلم ڪن ٿا سو سندن ئي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪي ٿو. |
|
| 17 |
|
| اي خداوند! آءٌ تنهنجي انصاف جو شڪرانو پيو ڪندس. آءٌ تو خداوند تعاليٰ جي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس. |
|
|
|
|