Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا منهنجي ڇڏائڻ لاءِ سيگهہ ڪر؛ اي خدا منهنجي مدد ڪرڻ واسطي جلدي ڪر. |
| 2 |
| جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهن سي شرمندا ٿين، ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ خوش ٿا ٿين سي پٺ تي هٽن ۽ بدنام ٿين. |
| 3 |
| جيڪي اهو، اهو، ٿا ڪن، سي شرمندا ٿي پٺ تي هٽن. |
| 4 |
| جيڪي توکي ڳولين ٿا سي تو ۾ خوشي ڪن ۽ سرها ٿين؛ ۽ جيڪي تنهنجي نجات کي پسند ٿا ڪن سي هميشہ چوندا رهن تہ خدا جي تمجيد هجي. |
| 5 |
| پر آءٌ غريب ۽ محتاج آهيان؛ اي خدا، جلد مون وٽ اچ: اي خداوند تون منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين؛ دير نہ ڪر. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/070.mp3
150
70