|
| 1 |
|
| اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان. مون کي تون ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ. |
|
| 2 |
|
| پنهنجي سچائيءَ موجب اچي مدد ڪري مون کي بچاءِ، تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ مون کي بچائي وٺ. |
|
| 3 |
|
| مون لاءِ تون پناهہ جو ٽَڪر ۽ مضبوط قلعو ٿيءُ، تانتہ آءٌ تنهنجي حفاظت منجھہ پيو رهان، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو محافظ ۽ منهنجو قلعو آهين. |
|
| 4 |
|
| اي منهنجا خدا! مون کي بدڪار ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏاءِ. هائو، تون مون کي بڇڙي ۽ ظالم ماڻهوءَ کان اچي ڇڏاءِ. |
|
| 5 |
|
| اي خداوند خدا! تون ئي تہ منهنجي اميد آهين. ننڍپڻ کان وٺي منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي. |
|
| 6 |
|
| منهنجي ڄمڻ کان وٺي منهنجو اعتماد تو تي رهيو آهي. تون مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليندو رهيو آهين. آءٌ سدائين تنهنجي تعريف پيو ڪندس. |
|
| 7 |
|
| گھڻن ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ حيرانيءَ جو سبب بڻيو آهيان، پر تون ئي تہ آهين جيڪو منهنجي مضبوط پناهہ بڻيو آهين. |
|
| 8 |
|
| منهنجو وات تنهنجيءَ واکاڻ سان هر دم ڀرپور رهي ٿو. هائو، آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي عظمت بيان ڪندو رهان ٿو. |
|
| 9 |
|
| مون کي ٻڍاپي جي وقت تي تون ڇڏي نہ ڏج. هائو، انهيءَ هيڻائيءَ جي وقت مون کي وساري نہ ڇڏج. |
|
| 10 |
|
| منهنجا دشمن منهنجي خلاف ڳالهيون ڪن ٿا. هائو، جيڪي مون کي مارڻ جي تاڙ ۾ آهن، سي پاڻ ۾ گڏجي سازش سِٽين ٿا. |
|
| 11 |
|
| اهي هيئن چون ٿا تہ ”خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي. سو هن جي پٺيان پئي کيس پڪڙيو، ڇوجو کيس ڇڏائڻ وارو ڪوئي ڪونهي.“ |
|
| 12 |
|
| اي خدا! تون مون کان پري نہ ٿيءُ، اي منهنجا خدا! جلدي اچي منهنجي مدد ڪر. |
|
| 13 |
|
| جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي شل ذليل وَ خوار ٿين. هائو، جيڪي مون تي تهمتون ٿا هڻن، سي شل خوار خراب ٿي ناس ٿي وڃن. |
|
| 14 |
|
| پر آءٌ سدائين تو ۾ پنهنجي اميد پيو رکندس، ۽ تنهنجي واکاڻ وڌ کان وڌ پيو ڪندس. |
|
| 15 |
|
| آءٌ سڄو ڏينهن ڇڏائڻ وارين تنهنجي ڀلائين جو بيان پيو ڪندس. هائو، انهن جي شمار جو ڪو ئي بہ اندازو ناهي. |
|
| 16 |
|
| آءٌ تو خداوند خدا جي قدرت جو بيان ڪندو رهندس. هائو، آءٌ تنهنجي ڀلائين جو ذڪر پيو ڪندس. |
|
| 17 |
|
| اي خدا! منهنجي ننڍپڻ کان ئي تون مون کي سيکاريندو آيو آهين. آءٌ اڄ تائين تنهنجي عجيب ڪمن جو ذڪر ڪندو آيو آهيان. |
|
| 18 |
|
| سو جڏهن آءٌ پوڙهو ۽ اڇي مٿي سان ٿيان، تڏهن بہ مون کي ڇڏي نہ ڏجانءِ، جيستائين ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي قدرت بابت نہ ٻڌايان. |
|
| 19 |
|
| اي خدا! تنهنجي سچائي آسمان کان بہ بلند آهي. اي خدا! تو ڪيڏا نہ وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، ڪير آهي جيڪو تنهنجي برابري ڪري سگھي! |
|
| 20 |
|
| تو مون کي گھڻين ۽ سخت تڪليفن ۾ پيڙي ڇڏيو آهي. پر تون ئي مون کي انهيءَ پاتال مان ڪڍي ٻاهر آڻيندين، ۽ هڪ نئين زندگي عطا ڪندين. |
|
| 21 |
|
| بيشڪ تون ئي منهنجي عزت کي وڌائيندين، ۽ مون کي نئين سر راحت بخشيندين. |
|
| 22 |
|
| اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي، تنهنجي وفا جي واکاڻ ڪندس. اي بني اسرائيل جا پاڪ معبود! آءٌ دنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس. |
|
| 23 |
|
| تو مون کي ڇڏايو آهي، سو آءٌ گيت ڳائيندي تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ دل وَ جان سان خوشيون ملهائي تنهنجي تعريف ڪندس. |
|
| 24 |
|
| منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجي سچائيءَ جو بيان ڪندي رهندي، ڇو تہ جن منهنجو نقصان پئي چاهيو، سي شڪست کائي خوار خراب ٿيا آهن. |
|
|
|
|