|
| 1 |
|
| اي خدا بادشاهہ کي پنهنجي حڪم، ۽ شهزادي کي پنهنجي راستبازي عطا ڪر. |
|
| 2 |
|
| هو تنهنجيءَ اُمت جي راستبازيءَ سان، ۽ تنهنجي غريبن جي انصاف سان عدالت ڪندو. |
|
| 3 |
|
| تنهنجي اُمت جي لاءِ جبلن مان سلامتي، ۽ ٽڪرين مان راستبازي پيدا ٿيندي. |
|
| 4 |
|
| هو اُمت جي غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن جي ٻارن کي بچائيندو، ۽ ظالم کي وڍي ڇڏيندو. |
|
| 5 |
|
| جيسين سج ۽ چنڊ قائم رهندا، تيسين سڀني پيڙهين جا ماڻهو توکان ڊڄندا رهندا. |
|
| 6 |
|
| جيئن ڪپيل گاهہ تي برسات پوندي آهي، ۽ مينهن جي وسڪار زمين کي ڀڄائيندي آهي، تيئن هو نازل ٿيندو. |
|
| 7 |
|
| هن جي ڏينهن ۾ راستباز ماڻهو زور وٺندا؛ ۽ جيسين چنڊ قائم آهي تيسين پوري سلامتي هوندي. |
|
| 8 |
|
| ۽ هڪڙي سمنڊ کان ٻئي سمنڊ تائين، ۽ نديءَ کان زمين جي ڇيڙي تائين، هن جي حڪومت هلندي. |
|
| 9 |
|
| بيابان جا رهاڪو وٽس اچي سجدو ڪندا؛ ۽ سندس دشمن مٽي چٽيندا. |
|
| 10 |
|
| ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا. |
|
| 11 |
|
| هائو سڀيئي بادشاهہ هن جي اڳيان سجدو ڪندا: ۽ سڀ قومون سندس خدمت ڪنديون. |
|
| 12 |
|
| ڇالاءِ تہ جڏهن محتاج ۽ غريب ۽ لاچار دانهون ڪندا، تڏهن هو کين ڇڏائيندو. |
|
| 13 |
|
| هو غريب ۽ محتاج تي ڪهل ڪندو، ۽ محتاجن جي جان بچائيندو. |
|
| 14 |
|
| هو انهن جي جان ظلم ۽ زبردستيءَ کان بچائيندو؛ انهن جو رت سندس نظر ۾ قيمتي ٿيندو: |
|
| 15 |
|
| هو جيئندا ۽ شيبا جو سون کيس ڏنو ويندو: ماڻهو هن کي سدائين دعائون ڪندا؛ ۽ سڄو ڏينهن کيس مبارڪ پيا چوندا. |
|
| 16 |
|
| ملڪ ۾ جبلن جي چوٽيءَ تائين ججهو اَنُ ٿيندو؛ جنهن جا سنگ لبنان جي وڻن وانگي پيا لڏندا: ۽ شهر جا ماڻهو زمين جي گاهہ وانگيان وڌندا ويجهندا. |
|
| 17 |
|
| هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون. |
|
| 18 |
|
| شل خداوند خدا، اسرائيل جو خدا، مبارڪ هجي، جو ئي عجيب ڪم ٿو ڪري. |
|
| 19 |
|
| هن جو جلال وارو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي؛ شل سارو جهان هن جي جلال سان ڀرپور ٿئي. آمين ۽ آمين. |
|
| 20 |
|
| هتي دائود ولد يسيءَ جون دعائون پوريون ٿيون. |
|
|
|
|