|
| 1 |
|
| بيشڪ خدا اسرائيل تي مهربان آهي. يعني انهن تي جيڪي پاڪ دل آهن. |
|
| 2 |
|
| پر منهنجا پير تہ ذري گهٽ ترڪي ويا هئا، ۽ آءٌ وِک کڻندي ئي ٿاٻو کائڻ تي هوس. |
|
| 3 |
|
| ڇو تہ جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن مغرورن تي مون کي ريس آئي. |
|
| 4 |
|
| ڇو تہ انهن کي مرڻ مهل سور نہ آهي: ۽ انهن جو زور قائم ٿو رهي. |
|
| 5 |
|
| اهي ٻين ماڻهن وانگر مصيبت ۾ نٿا پون؛ نڪا ٻين ماڻهن وانگر مٿن آفت ٿي اچي. |
|
| 6 |
|
| تنهن ڪري هٺ سندن گلي جو هار ٿي پيو آهي؛ ۽ ظلم کي پنهنجي پوشاڪ ڪري پاتو اٿن. |
|
| 7 |
|
| انهن جون اکيون چرٻيءَ جي ڪري ٻاهر نڪتل آهن: سندن دل جا خيال حد کان ٻاهر ٿا نڪرن. |
|
| 8 |
|
| اهي ٺٺوليون ڪري ظلم جون ڳالهيون ٿا ڪن: ۽ ٻٽاڪون ٿا هڻن. |
|
| 9 |
|
| اُهي پنهنجو وات آسمان ڏانهن ڪري بيٺا آهن، ۽ سندن زبان زمين تي پيئي گهمي. |
|
| 10 |
|
| تنهن ڪري ماڻهو انهي پاسي ٿا ڦرن: ۽ پاڻيءَ جا پيالا ڀري ٿا پيئن. |
|
| 11 |
|
| اهي چون ٿا تہ خدا ڪيئن ٿو ڄاڻي؟ خدا تعاليٰ کي ڪو علم آهي ڇا؟ |
|
| 12 |
|
| انهن بڇڙن کي ڏسو؛ اهي سدائين آرام ۾ ٿا رهن، ۽ خزانو پيا وڌائين. |
|
| 13 |
|
| سچ تہ مون اجايو پنهنجي دل کي صاف ڪيو آهي، ۽ پنهنجن هٿن کي پاڪ ڪيو آهي. |
|
| 14 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ سڄو ڏينهن آفتن ۾ ٿو گذاريان، ۽ روز صبح جو سيکت ٿي مليم. |
|
| 15 |
|
| جيڪڏهن آءٌ چوان ها تہ هيئن چوندس؛ تہ ڏس جيڪر تنهنجي نسل سان بيوفائي ڪريان ها. |
|
| 16 |
|
| جڏهن مون خيال ڪيو تہ ڪيئن هن ڳالهہ کي سمجهان، تڏهن اها مون لاءِ ڏاڍي ڏکي هئي؛ |
|
| 17 |
|
| جيسين ڪ آءٌ خدا جي پاڪ مڪان ۾ ويس، ۽ انهن جي آخر تي ويچار ڪيم. |
|
| 18 |
|
| سچ پچ تون انهن کي ترڪڻين جاين ۾ ٿو رکين: ۽ کين ڪيرائي برباد ٿو ڪرين. |
|
| 19 |
|
| اهي اک ڇنڀ ۾ ڪيئن نہ چٽ ٿي ويا آهن! ۽ ڊپ ۾ ئي فنا ٿي ويا آهن. |
|
| 20 |
|
| جيئن ڪو ماڻهو جاڳي خواب کي ڀلجيو وڃي، تيئن جڏهن تون جاڳندين تڏهن انهن جي شڪل کي حقير ڄاڻيندين. |
|
| 21 |
|
| ڇو جو منهنجي دل کي ارمان ٿيو، ۽ منهنجي اندر ۾ ڄڻ تہ سئي چُڀي ويئي؛ |
|
| 22 |
|
| آءٌ بي عقل ۽ نادان هوس؛ تنهنجي اڳيان حيوان جهڙو هوس. |
|
| 23 |
|
| تڏهن بہ آءٌ هميشہ تو سان ٿو رهان: تو منهنجو ساڄو هٿ جهليو آهي. |
|
| 24 |
|
| تون پنهنجيءَ صلاح سان منهنجي هدايت ڪندين، ۽ نيٺ مون کي جلال ۾ قبول ڪندين. |
|
| 25 |
|
| آسمان ۾ تو ڌاران منهنجو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ زمين تي توکان سواءِ مون کي ٻئي ڪنهن جي بہ خواهش ڪانهي. |
|
| 26 |
|
| منهنجو جسم ۽ منهنجي دل لهي ويئي آهي: پر خدا هميشہ جي لاءِ منهنجي دل جو زيور ۽ منهنجي ميراث آهي. |
|
| 27 |
|
| ڇالاءِ جو ڏس، جيڪي تو کان پري رهن ٿا سي فنا ٿي ويندا: ۽ جيڪي توکان ڦري بي وفا ٿيا آهن، تن کي تو برباد ڪيو آهي. |
|
| 28 |
|
| پر مون لاءِ اهو چڱو آهي تہ خدا کي ويجهو ٿيان: مون خداوند خدا کي پنهنجي پناهہ جي جاءِ ڪيو آهي، تہ تنهنجي سڀني ڪمن جو بيان ڪريان. |
|
|
|
|