|
| 1 |
|
| بيشڪ خدا بني اسرائيل تي مهربان آهي. جيڪي پاڪ دل آهن تن تي هو مهربان آهي. |
|
| 2 |
|
| پر منهنجا پير تِرڪڻ تي هئا، هائو، ذري گھٽ اعتماد ويو ٿي. منهنجا قدم ٿاٻو کائڻ تي هئا، هائو، ذري گھٽ ايمان ويو ٿي. |
|
| 3 |
|
| جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي. |
|
| 4 |
|
| هن ڪري جو اهي ڪوبہ ڏک ڪين ٿا ڏسن، بلڪ تندرست ۽ مضبوط ٿا رهن. |
|
| 5 |
|
| هنن تي عام ماڻهن وانگر ڪو ٻوجھہ نہ ٿو پوي، نڪي وري مٿن عام ماڻهن وانگر ڪا آفت ٿي اچي. |
|
| 6 |
|
| تنهنڪري غرور سندن ڳلي جو هار ٿيو پوي، ۽ ظلم کي ڄڻ هو پنهنجي پوشاڪ ڪري پائي ٿا ڇڏين. |
|
| 7 |
|
| انهن جي دلين مان بڇڙايون وهي نڪرن ٿيون، ۽ انهن جا دماغ بڇڙن منصوبن ۾ رُڌل رهن ٿا. |
|
| 8 |
|
| هو ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ بغض واريون ڳالهيون ڪن ٿا. اهي مغروريءَ سان ظلم جون ڌمڪيون ڏين ٿا. |
|
| 9 |
|
| هو خدا جي خلاف ڳالهائڻ جي جرئت ڪن ٿا، ۽ غرور وچان ڌرتيءَ وارن تي حڪم هلائين ٿا. |
|
| 10 |
|
| اهو ڏسي خدا جي قوم بہ سندن پاسي ڦرندي وڃي ٿي، ۽ هو جيڪي بہ چون ٿا تنهن کي اها پاڻيءَ جيان پي وڃي ٿي. |
|
| 11 |
|
| اهي چوندا وتن ٿا تہ ”خدا ڪين ٿو ڄاڻي سگھي،“ ۽ هيئن بہ ٿا چون تہ ”خدا تعاليٰ کي ڪا خبر نہ پوندي.“ |
|
| 12 |
|
| ڏسو، اهي بڇڙا آهن. اهي سدائين بيفڪرا ٿي ڌن دولت وڌائيندا رهن ٿا. |
|
| 13 |
|
| پوءِ ڇا مون اجايو پنهنجيءَ دل کي صاف رکيو آهي؟ ۽ ڇا ناحق مون پنهنجي هٿن کي پاڪ رکيو آهي؟ |
|
| 14 |
|
| روزانو اٿڻ سان ئي مون کي سزا ملندي رهي ٿي، بلڪ سڄو ڏينهن آءٌ آفتن منجھہ گذاريان پيو. |
|
| 15 |
|
| پر اي خدا! جيڪڏهن آءٌ سوچيان ها تہ ”آءٌ بہ انهن وارا خيال اختيار ڪندس،“ پوءِ جيڪر آءٌ تنهنجي قوم سان بيوفائي ڪريان ها. |
|
| 16 |
|
| اي خدا! مون غور ويچار ٿي ڪيو تہ آءٌ ان ڳالهہ جي حقيقت کي سمجھي وٺان. پر مون ڏٺو تہ اها ڳالهہ منهنجي سمجھہ کان ٻاهر آهي. |
|
| 17 |
|
| پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ۾ داخل ٿيس، تڏهن ئي مون انهن ماڻهن جي انجام بابت سمجھي ورتو. |
|
| 18 |
|
| بيشڪ تون انهن کي ترڪڻين راهن تي هلائين ٿو، ۽ کين برباديءَ ڏانهن ڌِڪي ڇڏين ٿو. |
|
| 19 |
|
| پوءِ ڪيئن نہ اهي اک ڇنڀ ۾ برباد ٿي وڃن ٿا. هائو، اهي خوف وچان بلڪل فنا ٿي وڃن ٿا. |
|
| 20 |
|
| اي ڌڻي! تون اُٿي انهن کي ائين حقير ڄاڻي ڇڏ، جيئن ڪو خواب ڏسي جاڳي اٿڻ تي حقير ڄاڻي اهو وساريو ڇڏي. |
|
| 21 |
|
| ڪنهن وقت منهنجي دل ايڏي رنجيدہ ٿيندي هئي، جو ڄڻ ڪا ڪاتي منهنجي اندر ۾ وڍ ڏيندي هئي. |
|
| 22 |
|
| جيئن جانور کي ڪا سمجھہ ڪانهي، تيئن آءٌ ان وقت تنهنجي اڳيان بيعقل هئس. |
|
| 23 |
|
| تنهن هوندي بہ آءٌ سدائين تو سان گڏ رهيس، تڏهن تو منهنجو ساڄو هٿ جھلي ورتو. |
|
| 24 |
|
| تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين. |
|
| 25 |
|
| آسمان ۾ توڙي زمين تي مون کي ٻئي ڪنهن جي ضرورت ڪانهي، آءٌ رڳو تو کي ئي چاهيان ٿو. |
|
| 26 |
|
| توڙي جو منهنجو جسم ۽ جان ڳرندا ٿا وڃن، تہ بہ تون خدا ئي هميشہ تائين منهنجي طاقت ۽ منهنجي ميراث آهين. |
|
| 27 |
|
| ڏس، تو کي جيڪي بہ ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ فنا ٿيندا. هائو، جيڪي بہ تو کان ڦري بيوفا ٿا ٿين، تن سڀني کي تون برباد ڪري ڇڏيندين. |
|
| 28 |
|
| پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تانتہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان. |
|
|
|
|