Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا اسين تنهنجي شڪر گذاري ٿا ڪريون؛ تنهنجا ٿورا ٿا مڃيون، ڇو جو تنهنجو نالو ويجهو آهي: ماڻهو تنهنجي عجيب ڪمن جو بيان ٿا ڪن. |
| 2 |
| جڏهن ٺهرايل وقت ايندو، تڏهن آءٌ سچائيءَ سان عدالت ڪندس. |
| 3 |
| زمين ۽ انهيءَ جا سڀ رهاڪو ڳري ويا آهن: مون انهيءَ جي ٿنڀن کي قائم ڪيو اهي. |
| 4 |
| مون هٺيلن کي چيو تہ هٺ نہ ڪريو: ۽ بڇڙن کي چيم تہ سڱ مٿي نہ کڻو: |
| 5 |
| پنهنجا سڱ مٿي نہ کڻو؛ ۽ مغروريءَ سان نہ ڳالهايو. |
| 6 |
| ڇو جو سرفرازي نہ اُڀرندي کان ٿي اچي نہ اُلهندي کان، نڪي ڏکڻ کان ٿي اچي. |
| 7 |
| پر خدا ئي منصف آهي: هو هڪڙي کي ڪيرائي ٿو، ٻئي کي چاڙهي ٿو. |
| 8 |
| ڇالاءِ جو خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو پيالو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو شراب آهي، اُهو گڏيل شراب آهي: هو اُنهيءَ مان اوتي ٿو ڪڍي؛ ۽ زمين جا سڀيئي بڇڙا ماڻهو انهي جي تري جو نچوڙ پيئندا. |
| 9 |
| پر آءٌ تہ هميشہ بيان ڪندو رهندس، ۽ يعقوب جي خدا جي تعريف ڳائيندس. |
| 10 |
| آءٌ بڇڙن جا سڀيئي سڱ بہ وڍي ڇڏيندس؛ پر راستبازن جا سڱ بلند ڪيا ويندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/075.mp3
150
75