Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| خدا يهوداہ ۾ مشهور آهي: ۽ سندس نالو اسرائيل ۾ عظيم آهي. |
| 2 |
| سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي. |
| 3 |
| اتي هن ڪمان جا تير، ۽ ڍال، ۽ ترار، ۽ جنگ جو سامان ڀڃي ڇڏيو. |
| 4 |
| تون جلال وارو آهين، تون شڪار سان ڀريل جبلن کان وڌيڪ شان وارو آهين. |
| 5 |
| مضبوط دل وارن جو مال لٽجي ويو، هو غفلت جي ننڊ ۾ سمهي رهيا؛ ۽ زور وارن مان ڪنهن هڪڙي بہ هٿ نہ ڊگهيريو. |
| 6 |
| اي يعقوب جا خدا تنهنجيءَ ڇينڀ جي ڪري، جنگي گاڏي ۽ گهوڙو گهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويا. |
| 7 |
| رڳو تو کان ئي ڊڄڻ گهرجي: جڏهن تون ڪاوڙبين تڏهن ڪير تنهنجي اڳيان بيهي سگهندو. |
| 8 |
| تو آسمان مان پنهنجي فتويٰ ڏني؛ تہ زمين ڊڄي ويئي، ۽ ماٺ ڪري بيٺي. |
| 9 |
| جڏهن خدا عدالت ڪرڻ اُٿيو، تہ زمين جي سڀني نماڻن کي بچائي. |
| 10 |
| بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين. |
| 11 |
| اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ مڃتائون مڃي پوريون ڪريو: ۽ اوهين سڀيئي جي هن جي چوڌاري بيٺا آهيو، انهي جي لاءِ، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، نذرانا آڻيو. |
| 12 |
| هو سردارن جو ساهہ سڪائي ڇڏيندو: هو زمين جي بادشاهن لاءِ هيبتناڪ آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/076.mp3
150
76