مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| يهوداہ وارن ۾ خدا کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اسرائيل وارن ۾ بہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي ٿي. |
| 2 |
| هن جو گھر يروشلم شهر ۾ قائم آهي، هائو، صيئون جبل تي سندس رهڻ جو هنڌ آهي. |
| 3 |
| هن انهيءَ جبل تي حملو ڪندڙن جا تکا تير ڀڃي ڇڏيا، هائو، سندن ڍالون، تلوارون ۽ جنگ جا سڀ هٿيار ٽوڙي ڇڏيائين. |
| 4 |
| اي خدا! تون ڪيڏو نہ جلوي وارو آهين! تون شان سان جبلن تان لهي آيو آهين، جتي تو جنگ ڪري فتح حاصل ڪئي آهي. |
| 5 |
| جنگي جوڌا اتي لُٽجي ويا آهن ۽ وڃي ابدي ننڊ ۾ ستا آهن، بيشڪ اهي زور وارا هئا پر سندن زورِ بازو بہ ڪم ڪين آيو. |
| 6 |
| اي يعقوب جا خدا! تنهنجيءَ ڇينڀ تي ئي، جنگي گھوڙا توڙي انهن جا سوار موت جي ننڊ ۾ وڃي ستا آهن. |
| 7 |
| بيشڪ اي خداوند! تون هيبتناڪ آهين. تنهنجي غضبناڪ ڪاوڙ مهل ڪير تو آڏو بيهي سگھندو؟ |
| 8 |
| تو پنهنجي فتويٰ جيڪا عرش عظيم تان ٻڌائي آهي، سا ٻُڌي دنيا ڊڄي ويئي آهي ۽ ماٺ ڪيو ويٺي آهي، |
| 9 |
| هائو، ان وقت جڏهن تون عدالت ڪرڻ جي لاءِ اُٿئين، تانتہ ڌرتيءَ جي سڀني مظلومن کي بچائين. |
| 10 |
| توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين. |
| 11 |
| سو اي بني اسرائيل! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪريو. اي آسپاس واريون قومون! اوهين سڀيئي هن لاءِ نذرانا آڻيو. هائو، جنهن کان ڊڄڻ واجب آهي تنهن لاءِ اوهين نذرانا آڻيو. |
| 12 |
| هو سردارن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن جي لاءِ هيبتناڪ آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/076.mp3
150
76