|
| 1 |
|
| آءٌ بلند آواز سان خدا جي حضور فرياد ڪندس؛ يعني خدا جي حضور ۾ پڪاريندس، ۽ هو مون ڏانهن ڪن ڏيندو. |
|
| 2 |
|
| مون پنهنجي مصيبت جي ڏينهن خداوند کي ڳوليو: مون رات جو پنهنجا هٿ ڊگهيريا ۽ ڍرا ڪين ڪيم؛ پر منهنجيءَ جان کي تسلي ڪانہ آئي. |
|
| 3 |
|
| آءٌ خدا کي ياد پيو ڪريان پر ڏکي آهيان: آءٌ دانهون پيو ڪريان پر منهنجو روح غم ۾ ٻڏيو وڃي. |
|
| 4 |
|
| تون منهنجين اکين کي کليل ٿو رکين: آءٌ اهڙو منجهي پيو آهيان جو ڳالهائي نٿو سگهان. |
|
| 5 |
|
| مون گذريل ڏينهن ۽ قديم زماني جي سالن تي غور ڪيو آهي. |
|
| 6 |
|
| رات جو مون کي پنهنجو گيت ياد ٿو اچي: آءٌ پنهنجي دل ۾ خيال ٿو ڪريان؛ ۽ منهنجو روح چڱيءَ طرح غور ٿو ڪري. |
|
| 7 |
|
| خداوند مون کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ وري مون تي مهربان ڪين ٿيندو ڇا؟ |
|
| 8 |
|
| هن جو رحم هميشہ جي لاءِ هليو ويو آهي ڇا؟ هن جو قول اقرار هميشہ جي لاءِ باطل رهندو ڇا؟ |
|
| 9 |
|
| خدا رحم ڪرڻ ڀلجي ويو آهي ڇا؟ هن غصي ۾ پنهنجي ٻاجهہ کي روڪي ڇڏيو آهي ڇا؟ |
|
| 10 |
|
| پوءِ مون چيو تہ اها منهنجي ڪمزوري آهي؛ پر آءٌ تہ خدا تعاليٰ جي قدرت جا ڏينهن ياد ڪندس. |
|
| 11 |
|
| آءٌ خداوند جي ڪمن جو ذڪر ڪندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجا گذريل عجيب ڪم ياد ڪندس. |
|
| 12 |
|
| آءٌ تنهنجن سڀني ڪمن تي ڌيان ڪندس، ۽ تنهنجي عملن تي غور ڪندس. |
|
| 13 |
|
| اي خدا، تنهنجي واٽ پاڪ مڪان ۾ آهي: ڪهڙو معبود اسان جي خدا جهڙو عظيم آهي؟ |
|
| 14 |
|
| تون اهو خدا آهين جو عجيب ڪم ٿو ڪرين: تو قومن ۾ پنهنجي قدرت پڌري ڪئي آهي. |
|
| 15 |
|
| تو پنهنجي اُمت کي يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي. |
|
| 16 |
|
| اي خدا پاڻيءَ توکي ڏٺو؛ هائو پاڻي توکي ڏسي ڊڄي ويو: ۽ اونهو سمنڊ ڏڪڻ لڳو. |
|
| 17 |
|
| ڪڪرن مينهن وسايو، آسمان مان آواز آيو: تنهنجا تير بہ چئني پاسي ڇُٽا. |
|
| 18 |
|
| واچوڙي ۾ تنهنجي گجڻ جو آواز ٿيو؛ وڄ جهان کي روشن ڪيو: ڌرتي ڌٻي ۽ ڏڪي ويئي. |
|
| 19 |
|
| تنهنجي واٽ سمنڊ ۾ هئي، ۽ تنهنجو رستو وڏن پاڻين ۾ آهي، تنهنجي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ نہ آيا. |
|
| 20 |
|
| تو پنهنجي اُمت جي ڌڻ وانگي موسيٰ ۽ هارون جي معرفت رهبري ڪئي. |
|
|
|
|