|
| 1 |
|
| آءٌ بلند آواز سان خدا آڏو فرياد ڪريان ٿو، هائو، آءٌ خدا آڏو ئي فرياد ٿو ڪريان، تانتہ هو منهنجي دانهن ٻڌي. |
|
| 2 |
|
| مصيبت وارن ڏينهن ۾ آءٌ ڌڻيءَ جي طلب ۾ رهان ٿو. سڄي رات منهنجا هٿ ڊگھيريل رهن ٿا ۽ ساڻا ڪين ٿا ٿين. پر تڏهن بہ مون کي تسلي نہ ٿي ملي. |
|
| 3 |
|
| توڙي جو آءٌ خدا کي ياد ڪري سوچ ويچار ڪريان ٿو، تڏهن بہ آءٌ آهون ڀريان ٿو ۽ ماندو ٿيو پوان. |
|
| 4 |
|
| هو منهنجي اکين کي ننڊ ڪرڻ کان روڪي ٿو، مون کي اهڙي ڳڻتي وٺي ويئي آهي جو ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھان. |
|
| 5 |
|
| جيڪي ڏينهن گذري ويا آهن تن تي آءٌ غور ڪريان ٿو، هائو، آڳاٽي زماني جي سالن کي ياد ڪريان ٿو. |
|
| 6 |
|
| آءٌ رات جو ويٺو پنهنجيءَ دل سان حال اوريان ٿو. آءٌ اهو غور ٿو ڪريان ۽ منهنجي دل انهيءَ جاچ جاچان ۾ آهي تہ |
|
| 7 |
|
| ڇا ڌڻي اسان کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو؟ ڇا هو اسان تي وري ڪڏهن بہ مهربان نہ ٿيندو؟ |
|
| 8 |
|
| ڇا سندس دائمي شفقت اسان تان هميشہ لاءِ هلي ويئي آهي؟ ڇا هن پنهنجو واعدو سدا لاءِ اسان کان ٽوڙي ڇڏيو آهي؟ |
|
| 9 |
|
| ڇا خدا رحم ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا هن غصي وچان پنهنجيءَ ٻاجھہ کي روڪي ڇڏيو آهي؟ |
|
| 10 |
|
| پوءِ مون اهو سمجھيو تہ منهنجي ڏک جو سبب هي آهي، جو خدا تعاليٰ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. |
|
| 11 |
|
| تنهن هوندي بہ اي خداوند! مون کي تنهنجا ڪم ياد آهن. هائو، مون کي تنهنجا قديم وقت وارا معجزا ياد آهن. |
|
| 12 |
|
| آءٌ تنهنجي سڀني ڪمن تي غور ٿو ڪريان، بيشڪ آءٌ تنهنجي عظيم ڪمن تي ويچار ڪريان ٿو. |
|
| 13 |
|
| اي اسان جا خدا! تنهنجيون راهون بلڪل پاڪ آهن. تو خدا جهڙو عظيم ٻيو ڪو معبود ڪونهي. |
|
| 14 |
|
| تون ئي تہ خدا آهين جيڪو عجيب ڪم ڪرين ٿو. تو قومن ۾ پنهنجي قدرت ظاهر ڪئي آهي. |
|
| 15 |
|
| تو پنهنجيءَ قدرت سان پنهنجي قوم، يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي. |
|
| 16 |
|
| اي خدا! سمنڊن جڏهن تو کي ڏٺو، تڏهن اهي خوف وچان بلڪل تري تائين ڏڪي ويا. |
|
| 17 |
|
| ڪڪرن ڏاڍو مينهن وسايو آهي، ۽ آسمان مان گجگوڙ ٿيا آهن. تنهنجي وڄ تيرن جيان چئني طرفن ڏانهن هلي آهي. |
|
| 18 |
|
| تنهنجي گجگوڙ جو آواز واچوڙي منجھہ ٿيو آهي. وڄ جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتي ڌڏي ۽ ڪنبي ويئي آهي. |
|
| 19 |
|
| تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن. |
|
| 20 |
|
| جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري ٿو، تيئن تو موسيٰ ۽ هارون جي وسيلي پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي. |
|
|
|
|