Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا ڌاريون قومون تنهنجيءَ ميراث ۾ گهڙي آيون آهن: انهن تنهنجي پاڪ هيڪل کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ يروشلم کي ڊاهي دڙا ڪري ڇڏيو اٿن. |
| 2 |
| انهن تنهنجي ٻانهن جا لاشا آسمان جي پکين کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن، ۽ تنهنجي مقدسن جو ماس زمين جي مرن کي ڏنو اٿن. |
| 3 |
| انهن جو رت پاڻيءَ وانگي يروشلم جي چوڌاري وهايو اٿن؛ ۽ انهن کي دفن ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. |
| 4 |
| اسان جا پاڙيسري اسان کي طعنا ٿا هڻن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس آهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن. |
| 5 |
| اي خداوند تون هميشہ تائين غصي رهندين ڇا؟ ۽ تنهنجي غيرت باهہ وانگي پيئي ٻرندي ڇا؟ |
| 6 |
| جن قومن توکي نہ سڃاتو، ۽ جن بادشاهن تنهنجو نالو نہ ورتو، تن تي پنهنجي ڪاوڙ لاهي وجهہ. |
| 7 |
| ڇالاءِ جو اهي يعقوب کي کائي ويا آهن، ۽ انهي جي رهڻ جي هنڌ کي ويران ڪيو اٿن. |
| 8 |
| اسان جي ابن ڏاڏن جون خطائون اسان جي برخلاف ياد نہ ڪر: تنهنجو رحم جلد اسان تائين پهچي: ڇو جو ڏاڍا لاچار ٿي دٻجي ويا آهيون. |
| 9 |
| اي اسان جي نجات جا خدا تون پنهنجي نالي جي جلال جي واسطي اسان جي مدد ڪر: تون پنهنجي نالي جي صدقي اسان کي ڇڏاءِ، ۽ اسان جي گناهہ جو ڪفارو ڏي. |
| 10 |
| ڌاريون قومون ڇو چون تہ انهن جو خدا ڪٿي آهي؟ هيئن ڪر تہ تنهنجي ٻانهن جي رت جو بدلو ڌارين قومن ۾ اسان جي ڏسندي ظاهر ٿئي. |
| 11 |
| ڀلي تہ قيدين جون آهون تنهنجي حضور ۾ پهچن؛ ۽ جن تي موت جو حڪم ٿيو آهي تن کي پنهنجيءَ عظيم قدرت سان بچائي وٺ؛ |
| 12 |
| اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ. |
| 13 |
| تڏهن اسين جي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، سي هميشہ تائين تنهنجي شڪر گذاري ڪنداسين، ۽ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ تنهنجي تعريف ڪنداسين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/079.mp3
150
79