مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند ، اسان جا رب! سڄي دنيا تي تنهنجو نالو ڪيڏو نہ سربلند آهي! تو پنهنجي عظمت کي آسمانن کان بہ مٿي قائم ڪيو آهي. |
| 2 |
| تو ئي ننڍڙن ٻارن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجي دشمنن آڏو پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي، تانتہ تون پنهنجي دشمنن ۽ مخالفن کي ماٺ ڪرائين. |
| 3 |
| جڏهن آءٌ آسمانن کي ڏسان ٿو، جيڪي تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جڏهن آءٌ چنڊ تارن تي غور ڪريان ٿو، جيڪي تو ئي مقرر ڪيا آهن، |
| 4 |
| تڏهن آءٌ سوچيان ٿو تہ انسان ڇا آهي جو تون ان جي يادگيري ڪرين؟ يا آدمزاد ڇا آهي جنهن جي تون سار سنڀار لهين؟ |
| 5 |
| تڏهن بہ تو هن کي پاڻ کان ٿورو گھٽ بڻايو آهي، تو هن کي شان وَ شوڪت جو تاج کڻي پهرايو آهي. |
| 6 |
| تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي اختيار ڏنو آهي، تو سڀني شين کي هن جي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو آهي. |
| 7 |
| تو رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، بلڪ سڀيئي جھنگلي جانور پڻ هن جي اختيار ۾ ڏنا آهن. |
| 8 |
| ان کان علاوہ پکي ۽ مڇيون، بلڪ جيڪو بہ سمنڊن ۾ چُري ڦِري ٿو، سو سڀ تو هن جي هٿ هيٺ ڪيو آهي. |
| 9 |
| اي خداوند ، اسان جا رب! سڄي دنيا تي تنهنجو نالو ڪيڏو نہ سربلند آهي! |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/008.mp3
150
8