Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ. |
| 2 |
| افرائيم ۽ بنيمين ۽ منسيءَ جي اڳيان پنهنجي قدرت ڏيکار، ۽ اچي اسان کي بچاءِ. |
| 3 |
| اي خدا اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين. |
| 4 |
| اي خداوند لشڪرن جا خدا، ڪيستائين پنهنجي اُمت جي دعا تي ناراض رهندين؟ |
| 5 |
| تو انهن کي ڳوڙهن جي ماني کارائي آهي، ۽ بيشمار لڙڪن جو پاڻي ڏنو آهي. |
| 6 |
| تو اسان کي پاڙي وارن ۾ جهيڙي جو سبب ڪيو آهي: اسان جا دشمن پاڻ ۾ اسان تي چرچا ٿا ڪن. |
| 7 |
| اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين. |
| 8 |
| تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو. |
| 9 |
| تو انهيءَ جي واسطي جاءِ تيار ڪئي، ۽ انهيءَ جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي ۽ ملڪ کي ڀري ڇڏيائين. |
| 10 |
| جبل انهيءَ جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويا، ۽ انهيءَ جا ڏار خدا جي ديوارن جهڙا هئا. |
| 11 |
| انهيءَ پنهنجون ٽاريون سمنڊ تائين، ۽ پنهنجون شاخون درياهہ تائين پکيڙيون. |
| 12 |
| هاڻي تو انهيءَ جي واڙ ڇو ڀڃي ڇڏي آهي، جو جيڪي اتان لنگهن ٿا سي سڀ کيس پيا ڇنن؟ |
| 13 |
| جهنگلي سوئر اچيو هن کي خراب ڪن، ۽ جهنگ جا جانور کيس کايو وڃن. |
| 14 |
| اي لشڪرن جا خدا، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ موٽي اچ آسمان مان نهاري ڏس ۽ هن ڊاک تي نظر ڪر. |
| 15 |
| هي ٻوٽو جو تنهنجي ساڄي هٿ لڳايو آهي، ۽ هيءَ شاخ جا تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪئي آهي. |
| 16 |
| اها باهہ ۾ سڙي ويئي آهي، ۽ وڍجي ويئي آهي: اُهي تنهنجي منهن جي ڇينڀ ڪري تباهہ ٿا ٿين. |
| 17 |
| جو ماڻهو تنهنجي ساڄي هٿ آهي، يعني ابن آدم جنهن کي تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪيو آهي، تنهن تي هٿ رک. |
| 18 |
| پوءِ اسين تو کان ڪين ڦرنداسين: تون اسان کي جيئار ۽ اسين تنهنجو نالو وٺندا رهنداسين. |
| 19 |
| اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/080.mp3
150
80