Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| خدا جو اسان جي طاقت آهي تنهن جي حضور ۾ بلند آواز سان ڳايو: ۽ يعقوب جي خدا جي حضور ۾ خوشيءَ سان للڪاريو. |
| 2 |
| زبور ڳايو ۽ دف آڻيو، خوش آواز بربط ۽ ساز وڄايو. |
| 3 |
| چنڊ ۽ چوڏس تي، يعني اسان جي پاڪ عيد جي ڏينهن تري وڄايو. |
| 4 |
| ڇالاءِ جو اهو اسرائيل جي لاءِ قانون آهي، ۽ يعقوب جي خدا جو حڪم آهي. |
| 5 |
| جڏهن هو مصر جي ملڪ تي چڙهي ويو؛ تڏهن هن اهو يوسف ۾ شاهديءَ جي لاءِ مقرر ڪيو: اُتي مون هڪڙي ٻولي ٻڌي جا آءٌ نہ ڄاڻندو هوس. |
| 6 |
| مون سندس ڪلهن تان بار لاٿو: ۽ هن جا هٿ کارين کڻڻ کان ڇُٽا. |
| 7 |
| تو مصيبت جي وقت پڪاريو، ۽ مون توکي ڇڏايو؛ گجگار جي ڳجهي پردي مان توکي جواب ڏنم: ۽ مريباهہ جي چشمي تي توکي آزمايم. |
| 8 |
| اي منهنجي اُمت ٻڌ، اي اسرائيل جيڪڏهن تون منهنجي ٻڌندين، تہ آءٌ توکي تاڪيد ٿو ڪريان، |
| 9 |
| تہ تو وٽ ڪو ٻيو معبود نہ هجي؛ نڪي تون ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪج. |
| 10 |
| آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو: تون پنهنجو وات چڱيءَ طرح پٽ تہ آءٌ انهيءَ کي ڀري ڇڏيندس. |
| 11 |
| پر منهنجي اُمت منهنجو آواز نہ ٻڌو؛ ۽ اسرائيل مون کي نہ مڃيو. |
| 12 |
| سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن. |
| 13 |
| شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي! |
| 14 |
| تہ آءٌ سندن دشمنن کي سگهو ئي مغلوب ڪريان، ۽ سندن ويرين جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريان. |
| 15 |
| تہ جيڪي خداوند سان دشمني ٿا رکن، سي اچي سندس پيش پون: ۽ انهن جو زمانو هميشہ تائين هلي. |
| 16 |
| هو جيڪر کين چڱي ۾ چڱي ڪڻڪ کارائي: آءٌ هوند توکي ٽڪر جي ماکيءَ مان ڍءُ ڪرايان. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/081.mp3
150
81