Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| خدا جي جماعت ۾ خدا موجود آهي، هو معبودن جو انصاف ٿو ڪري. |
| 2 |
| اوهين ڪيستائين بي انصافي ڪندا، ۽ بڇڙن جي پاسخاطري ڪندا؟ |
| 3 |
| غريبن ۽ يتيمن جو انصاف ڪريو: ڏکويلن ۽ لاچارن کي سندن حق ڏياريو. |
| 4 |
| مسڪينن ۽ محتاجن کي ڇڏايو، بلڪ بڇڙن جي هٿان آزاد ڪرايو. |
| 5 |
| هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن. |
| 6 |
| مون چيو تہ اوهين خدا آهيو، اوهين سڀيئي خدا تعاليٰ جا فرزند آهيو. |
| 7 |
| تڏهن بہ اوهين ماڻهن وانگي مرندا، ۽ سردارن مان هڪڙي وانگي ڪري پوندا. |
| 8 |
| اي خدا تون اُٿي زمين جي عدالت ڪر: ڇو جو سڀ قومون تنهنجي ميراث ٿينديون. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/082.mp3
150
82