مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| معبودن جي مجلس ۾ خدا پاڻ موجود آهي، هائو، انهن معبودن جي هو پاڻ عدالت ڪري ٿو. |
| 2 |
| خدا کين چوي ٿو تہ ”اوهين ڪيستائين بيانصافي ڪندا رهندءُ؟ ڪيستائين بڇڙن جي طرفداري پيا ڪندا رهندءُ؟ |
| 3 |
| اوهين غريبن ۽ يتيمن سان انصاف ڪريو، ڏکويلن ۽ لاچارن کي اوهين سندن حق ڏياريو. |
| 4 |
| اوهين مسڪينن ۽ محتاجن کي بچائي وٺو، ۽ بدڪارن جي هٿن مان کين آزاد ڪرايو. |
| 5 |
| اوهين نڪي ڪجھہ ڄاڻو ٿا ۽ نہ وري سمجھو ٿا، بلڪ اونداهيءَ ۾ پيا ڀٽڪو ٿا. تنهنڪري ڌرتيءَ تان انصاف ختم ٿي ويو آهي. |
| 6 |
| آءٌ مڃان ٿو تہ اوهين قومن جا معبود آهيو، بلڪ آءٌ خدا تعاليٰ اوهان سڀني کي پنهنجا فرزند ٿو سڏيان. |
| 7 |
| تنهن هوندي بہ اوهين عام ماڻهن وانگر مرندا رهندءُ، ۽ هر دنياوي حاڪم وانگر ڪرندا رهندءُ.“ |
| 8 |
| اُٿ اي خدا! تون دنيا جي عدالت ڪر، ڇاڪاڻ تہ سڀني قومن جو تون ئي مالڪ آهين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/082.mp3
150
82