Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خداوند تون پنهنجي ملڪ تي مهربان ٿيو آهين؛ ۽ يعقوب جي قيدين کي موٽائي آندو اٿيئي. |
| 2 |
| تو پنهنجيءَ اُمت جي خطا معاف ڪئي آهي، ۽ انهن جا سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏيا اٿيئي. |
| 3 |
| تو پنهنجي غضب کي کڻي ورتو آهي: ۽ پنهنجي سخت ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيو اٿيئي. |
| 4 |
| اي اسان جي نجات جا خدا، اسان کي بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ. |
| 5 |
| تون هميشہ تائين اسان سان غصي رهندين ڇا؟ تنهنجو غصو سڀني پيڙهين تي پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ جاري رهندو ڇا؟ |
| 6 |
| تون وري اسان کي جيئرو نہ ڪندين ڇا: تہ تنهنجي اُمت تو ۾ خوشي ڪري؟ |
| 7 |
| اي خداوند پنهنجو رحم اسان کي ڏيکار، ۽ پنهنجي نجات اسان کي بخش. |
| 8 |
| جيڪي خداوند خدا فرمائيندو سو آءٌ ٻڌندس: ڇو جو هو پنهنجي اُمت ۽ پنهنجن مقدسن سان سلامتيءَ جي ڳالهہ ڪندو: پر اهي وري بيوقوفي نہ ڪن. |
| 9 |
| يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي. |
| 10 |
| رحم ۽ سچ ٻئي اچي گڏ ٿيا آهن؛ راستيءَ ۽ سلامتيءَ هڪ ٻئي کي چُميو آهي. |
| 11 |
| سچائي زمين مان ٿي اُڀري؛ ۽ راستبازي آسمان مان ٿي نهاري. |
| 12 |
| هائو، خداوند ضرور چڱيون شيون ڏيندو؛ ۽ اسان جي زمين پيداوار ڏيندي. |
| 13 |
| راستبازي هن جي اڳيان اڳيان هلندي؛ ۽ سندس پير جي نشانن کي اسان لاءِ واٽ بنائيندي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/085.mp3
150
85