مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! تون اڳي پنهنجي ملڪ تي مهربان رهيو آهين. هائو، تو بني اسرائيل کي خوشحالي موٽائي ڏني هئي. |
| 2 |
| تو پنهنجي قوم جي خطا بخشي ڇڏي هئي. تو انهن جا سڀيئي گناهہ معاف ڪري ڇڏيا هئا. |
| 3 |
| تو انهن تان پنهنجي سخت غضب کي کڻي ورتو هو. تو کي مٿن جيڪا سخت ڪاوڙ هئي، سا تو انهن تان ٽاري ڇڏي هئي. |
| 4 |
| اي اسان جا بچائيندڙ خدا! هاڻ تون اسان کي وري بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ. |
| 5 |
| ڇا تون هميشہ تائين اسان سان ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجو غصو پيڙهي بہ پيڙهي جاري رهندو؟ |
| 6 |
| ڇا تون اسان کي نئين سر جيئرو نہ ڪندين؟ تانتہ تنهنجي ڪري تنهنجي قوم خوشيون ڪري. |
| 7 |
| اي خداوند! تون هاڻ پنهنجي دائمي شفقت ڏيکار، ۽ اسان جي مدد ڪري اسان کي بچاءِ. |
| 8 |
| خداوند خدا جيڪا وراڻي ڏئي ٿو سا آءٌ ٻڌان ٿو. هو واعدو ٿو ڪري تہ پنهنجي قوم، پنهنجي چونڊيلن سان، سلامتيءَ واريون ڳالهيون ڪندو، شرط اهو آهي تہ اسين وري بيوقوفيءَ جو رستو نہ وٺون. |
| 9 |
| يقيناً جيڪي سندس خوف رکن ٿا، تن کي هو ڇڏائڻ وارو آهي، تانتہ سندس عظمت اسان جي ملڪ ۾ چمڪي. |
| 10 |
| هاڻ دائمي شفقت ۽ وفاداري ٻيئي اچي گڏبيون. هاڻ سچائي ۽ سلامتي ٻيئي ڀاڪر پائي ملنديون. |
| 11 |
| هائو، انسان جي وفاداري ڌرتيءَ مان مٿي وڌي هلندي، ۽ خدا جي سچائي آسمان مان مٿن نظر ڪندي. |
| 12 |
| خداوند ئي اسان کي چڱيون شيون عطا ڪندو، ۽ اسان جون ٻنيون جھجھو فصل اُپائينديون. |
| 13 |
| اي خداوند! ڌرتيءَ تي تون پنهنجي لاءِ سچائيءَ واري راهہ تيار ڪندين، هائو، اهڙي راهہ جيڪا تنهنجي لائق هوندي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/085.mp3
150
85