×

مقدس ڪلام توريت، زبور

زبور ٨٧

1
خداوند پنهنجو شهر پاڪ جبل صيئون تي اَڏايو آهي.
2
بني اسرائيل جي سڀني رهڻ وارين جاين کان خداوند کي يروشلم جو شهر وڌيڪ پيارو آهي.
3
اي خدا جا شهر! ڏس، تنهنجي باري ۾ ڪيڏيون نہ چڱيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.
4
خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي قومون منهنجي فرمانبرداري ٿيون ڪن، پوءِ اهي مصر ملڪ واريون هجن يا بابل شهر واريون، توڙي فلستين ، صور ۽ سوڊان واريون هجن، تن سڀني کي آءٌ يروشلم جي رهاڪن ۾ شمار ڪندس.“
5
بيشڪ خدا تعاليٰ صيئون جي شهر کي اهڙو قائم ڪيو آهي، جو هر قوم چوندي تہ ”اسين بہ هن ئي شهر جا آهيون.“
6
سو جڏهن خداوند قومن کي پنهنجا ماڻهو ڪري شمار ڪندو، تڏهن هو لسٽ ۾ هر ڪنهن جي رهائش بابت هيئن لکندو تہ ”هي ماڻهو يروشلم جو آهي.“
7
بيشڪ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نچندي هيئن ڳائيندا تہ ”اي يروشلم! اسان جي هر برڪت جو سرچشمو تون ئي آهين.“
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو