|
| 1 |
|
| اي خداوند، اي منهنجي نجات جا خدا، مون رات ڏينهن تنهنجي حضور ۾ دانهون ڪيون آهن. |
|
| 2 |
|
| شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي؛ تون منهنجي دانهن تي پنهنجو ڪن ڏي: |
|
| 3 |
|
| ڇالاءِ جو منهنجي جان ڏکن سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ منهنجي ڄمار قبر کي ويجهي پوندي وڃي. |
|
| 4 |
|
| آءٌ انهن جي شمار ۾ ٿو ليکجان جيڪي قبر ۾ ٿا پون؛ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جنهن جو ڪو چاڙهو ڪونهي: |
|
| 5 |
|
| آءٌ انهن مئلن ۾ ڇڏيو ويو آهيان جن کي قتل ڪري قبر ۾ وڌو اٿن. جن کي تون ياد نٿو ڪرين، ۽ جيڪي تنهنجي هٿ مان تباهہ ٿيا آهن. |
|
| 6 |
|
| تو مون کي اونهيءَ کڏ ۾، بلڪ اونداهيءَ جي اوڙاهہ ۾ وڌو آهي. |
|
| 7 |
|
| مون تي تنهنجي ڏاڍي ڪاوڙ آهي، تو مون کي مصيبتن جي لهرن ۾ دٻائي ڏکي ڪيو آهي. |
|
| 8 |
|
| تو منهنجي واقفڪارن کي مون کان پري ڪيو آهي: ۽ انهن جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو ڪيو اٿيئي: آءٌ بند ۾ آهيان، ۽ ٻاهر نڪري نٿو سگهان. |
|
| 9 |
|
| ڏک جي ڪري منهنجين اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي: اي خداوند، آءٌ هر روز تو ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پيو پڪاريان. |
|
| 10 |
|
| تون مئلن کي پنهنجا عجيب ڪم ڏيکاريندين ڇا؟ مردا جيئرا ٿي تنهنجي تعريف ڪندا ڇا؟ |
|
| 11 |
|
| قبر ۾ ماڻهو تنهنجي ٻاجهہ جو بيان ڪندا ڇا؟ يا جهنم ۾ تنهنجي وفاداريءَ جو ذڪر ٿيندو ڇا؟ |
|
| 12 |
|
| اوندهہ ۾ تنهنجا عجيب ڪم پڌرا ٿيندا ڇا؟ يا ويسر جي ملڪ ۾ تنهنجي راستبازي ياد رهندي ڇا؟ |
|
| 13 |
|
| پر اي خداوند مون تو وٽ پڪاريو آهي، ۽ صبح جو منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچندي. |
|
| 14 |
|
| اي خداوند تون ڇو منهنجي جان کي ڇڏي ٿو ڏين؟ ۽ مون کان پنهنجو منهن ڇو ٿو موڙين؟ |
|
| 15 |
|
| آءٌ ننڍپڻ کان ئي ڏکي ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي رهيو آهيان. تنهنجي ڊپ جي ڪري حيران پريشان آهيان. |
|
| 16 |
|
| تنهنجي سخت ڪاوڙ مون تي آئي آهي: تنهنجي خوف مون کي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي. |
|
| 17 |
|
| اهي سڄو ڏينهن مون کي ٻوڏ وانگي اچيو گهيرين؛ ۽ اهي گڏجي مون کي ورائي ويا آهن. |
|
| 18 |
|
| تو منهنجي دوستن کي ۽ عزيزن کي مون کان پري ڪيو آهي، ۽ منهنجي واقفڪارن کي اوندهہ ۾ رکيو اٿيئي. |
|
|
|
|