|
| 1 |
|
| اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان. |
|
| 2 |
|
| منهنجي دعا کي تون پنهنجي حضور ۾ پهچڻ ڏي، هائو، منهنجي انهن دانهن تي تون پنهنجو ڪن ڏي. |
|
| 3 |
|
| انهيءَ سبب جو منهنجي جان ڏکن سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ منهنجي حياتي قبر کي ويجھو پوندي ٿي وڃي. |
|
| 4 |
|
| مون کي مئل ماڻهن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، آءٌ بلڪل ئي بيوس ٿي پيو آهيان. |
|
| 5 |
|
| آءٌ ڄڻ تہ مئلن جي وچ ۾ ڇڏيو ويو آهيان، جن کي ماري قبر ۾ وڌو هجين، هائو، جيڪي تنهنجي سنڀال ۾ نہ آهن، ۽ جن کي تو وساري ڇڏيو آهي. |
|
| 6 |
|
| تو مون کي پاتال جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هائو، تو مون کي اونداهيءَ جي اوڙاهہ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. |
|
| 7 |
|
| تنهنجو غضب مون تي ڏاڍو ڀاري آهي، مون کي تنهنجي غصي وارين ڇولين ٻوڙي ڇڏيو آهي. |
|
| 8 |
|
| تو منهنجي ويجھن ساٿين کي مون کان پري ڪيو آهي، سندن نظر ۾ تو مون کي ڪراهت جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ اهڙي بند ۾ پيو آهيان جنهن مان بچي نڪري نہ ٿو سگھان. |
|
| 9 |
|
| ڏکن جي ڪري منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ايندو ٿو وڃي. اي خداوند! هر روز آءٌ تو ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگھيري تو کي پڪاريندو ٿو رهان. |
|
| 10 |
|
| ڀلا مئل ماڻهن کي تون پنهنجا معجزا ڏيکاريندين ڇا؟ يا اهي مُڙدا جيئرا ٿي تنهنجي واکاڻ ڪندا ڇا؟ |
|
| 11 |
|
| ڀلا قبر وارا تنهنجي دائمي شفقت بيان ڪندا ڇا؟ يا وري قبر ۾ ڪو تنهنجي وفا جو ذڪر ٿيندو ڇا؟ |
|
| 12 |
|
| ڀلا اونداهيءَ ۾ تنهنجا معجزا پڌرا ٿيندا ڇا؟ يا ويسر واري جهان ۾ رهندي تنهنجي ڀلائي ياد رهندي ڇا؟ |
|
| 13 |
|
| پر اي خداوند! آءٌ تو کي مدد جي لاءِ پيو پڪاريان ٿو، هر صبح منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي ٿي. |
|
| 14 |
|
| اي خداوند! ڪهڙي سبب مون کي رد ٿو ڪرين؟ ڇو تون مون کان پنهنجو منهن ٿو موڙين؟ |
|
| 15 |
|
| ننڍپڻ کان ئي آءٌ ڏکي آهيان، ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي رهيو آهيان. آءٌ تنهنجي ڊپ وچان حيران وَ پريشان آهيان. |
|
| 16 |
|
| تنهنجو سخت غضب مون تي اچي ڪڙڪيو آهي. تنهنجي دهشتناڪ حملن مون کي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي. |
|
| 17 |
|
| اهي سڄو ڏينهن مون کي ٻوڏ جيان گھيري ۾ رکن ٿا، ۽ هر پاسي کان مون کي وڪوڙي ويا آهن. |
|
| 18 |
|
| تنهنجي هن مصيبت ڏيڻ جي ڪري منهنجا ساٿي ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، هاڻ تہ اونداهي ئي منهنجي ساٿي ۽ رفيق آهي. |
|
|
|
|