|
| 1 |
|
| آءٌ هميشہ خداوند جي رحمتن جا گيت ڳائيندس: ۽ سڀني پيڙهين ۾ منهنجو وات تنهنجي وفاداري ظاهر ڪندو. |
|
| 2 |
|
| ڇالاءِ جو مون چيو تہ رحم هميشہ تائين هلندو رهندو؛ ۽ تون پنهنجي وفاداري آسمانن ۾ بہ قائم ڪندين. |
|
| 3 |
|
| مون پنهنجي چونڊيلن سان عهد ڪيو آهي، ۽ پنهنجي بندي دائود سان قسم کنيو اٿم. |
|
| 4 |
|
| تہ آءٌ تنهنجي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ تنهنجو تخت پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ ٺاهيندس. |
|
| 5 |
|
| اي خداوند آسمان تنهنجي عجيب ڪم جي تعريف ڪندا؛ ۽ پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تنهنجي وفاداريءَ جي تعريف ٿيندي. |
|
| 6 |
|
| ڇالاءِ جو آسمان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن جو خداوند سان مقابلو ڪري سگهبو؟ ۽ فرشتن مان ڪير خداوند جهڙو آهي؟ |
|
| 7 |
|
| هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي. |
|
| 8 |
|
| اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اي يهوواہ، تو جهڙو قادر خداوند ڪير آهي؟ |
|
| 9 |
|
| سمنڊ جي گجگوڙ تي تنهنجو حڪم ٿو هلي: جڏهن هن جون لهرون چڙهن ٿيون تڏهن تون ئي انهن کي ماٺ ٿو ڪرائين. |
|
| 10 |
|
| تو مصر کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو آهي، جيئن ڪنهن قتل ٿيل کي ڪندا آهن؛ تو پنهنجي زوراور ٻانهن سان پنهنجن دشمنن کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي. |
|
| 11 |
|
| آسمان تنهنجا آهن، ۽ زمين بہ تنهنجي آهي تو ئي جهان ۽ انهي جي جوڙ جوڙي آهي. |
|
| 12 |
|
| اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين. |
|
| 13 |
|
| تنهنجي ٻانهن زوراور آهي: تنهنجو هٿ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مٿانهون آهي. |
|
| 14 |
|
| تنهنجو تخت سچائيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي: رحم ۽ سچ تنهنجي اڳيان ٿا هلن. |
|
| 15 |
|
| مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن. |
|
| 16 |
|
| اهي سڄو ڏينهن تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ٿا ڪن: ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ ڪري سرفراز ٿا ٿين. |
|
| 17 |
|
| ڇو جو تون انهن جي طاقت جو شان آهين: ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جو سڱ مٿي ٿيندو. |
|
| 18 |
|
| ڇو تہ اسان جي ڍال خداوند وٽان آهي؛ ۽ اسان جو بادشاهہ اسرائيل جي قدوس جي طرفان آهي. |
|
| 19 |
|
| تڏهن تو پنهنجي مقدسن کي رويا ۾ فرمايو، ۽ چيو تہ مون هڪڙي زور واري کي مددگار ٺهرايو آهي؛ ۽ اُمت مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو اٿم. |
|
| 20 |
|
| مون کي پنهنجو بندو دائود ملي ويو آهي؛ ۽ انهي کي پنهنجي پاڪ تيل سان مسح ڪيو اٿم: |
|
| 21 |
|
| منهنجو هٿ سدائين مٿس رهندو؛ ۽ منهنجي ٻانهن کيس طاقت بخشيندي. |
|
| 22 |
|
| ڪو دشمن مٿس ظلم نہ ڪندو؛ ۽ بڇڙو ماڻهو کيس ڪين ڏکوئيندو. |
|
| 23 |
|
| آءٌ هن جي دشمنن کي سندس اڳيان پائمال ڪندس ۽ جيڪي ساڻس عداوت ٿا رکن تن کي ماريندس. |
|
| 24 |
|
| پر منهنجي وفاداري ۽ منهنجو رحم ساڻس رهندو؛ ۽ منهنجي نالي ڪري هن جو سڱ مٿي ٿيندو. |
|
| 25 |
|
| آءٌ هن جو هٿ سمنڊ تي، ۽ سندس ساڄو هٿ ندين تي قائم ڪندس. |
|
| 26 |
|
| هو مون کي پڪاري چوندو تہ تون منهنجو پيءُ، ۽ منهنجو خدا، ۽ منهنجي نجات جو ٽڪر آهين. |
|
| 27 |
|
| آءٌ هن کي پنهنجو پهريتو ڪندس، ۽ زمين جي بادشاهن ۾ سڀني کان اعليٰ ڪندوسانس. |
|
| 28 |
|
| آءٌ هن تي پنهنجو رحم هميشہ قائم رکندس، ۽ منهنجو عهد ساڻس محڪم ٿيندو. |
|
| 29 |
|
| آءٌ هن جي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ جيستائين آسمان آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو. |
|
| 30 |
|
| جيڪڏهن هن جو اولاد منهنجيءَ شريعت کي ڇڏي ڏيندو، ۽ منهنجن فيصلن تي نہ هلندو؛ |
|
| 31 |
|
| جيڪڏهن اهي منهنجا قانون ڀڃندا، ۽ منهنجن حڪمن کي نہ مڃيندا؛ |
|
| 32 |
|
| تہ پوءِ آءٌ انهن کي سندن ڏوهن جي سببان لٺ سان، ۽ سندن خطا جي لاءِ چهبڪن سان سزا ڏيندس. |
|
| 33 |
|
| پر آءٌ انهن تان پنهنجو رحم هميشہ لاءِ ڪين هٽائيندس، ۽ پنهنجي وفاداريءَ کي باطل ٿيڻ نہ ڏيندس. |
|
| 34 |
|
| آءٌ پنهنجو عهد ڪين ڀڃندس، ۽ جيڪو ڪلام منهنجي واتان نڪتو آهي تنهن کي ڪين ڦيرائيندس. |
|
| 35 |
|
| مون هڪڙو ڀيرو پنهنجيءَ پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي؛ آءٌ ماڻهن سان ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس؛ |
|
| 36 |
|
| هن جو نسل هميشہ تائين قائم هوندو، ۽ سندس تخت سج وانگي منهنجي اڳيان رهندو. |
|
| 37 |
|
| اهو هميشہ چنڊ وانگي، ۽ آسمان جي سچي شاهد وانگر قائم رهندو. |
|
| 38 |
|
| پر تو انهيءَ کي رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي مسح ڪيل تي ڪاوڙيو آهين. |
|
| 39 |
|
| جو عهد تو پنهنجي بندي سان ڪيو هو تنهن کان نفرت ڪئي اٿيئي؛ ۽ منهنجو ڇٽ لاهي پٽ تي هنيو اٿيئي؛ |
|
| 40 |
|
| تو هن جي سڀني واڙين کي ڀڃي ڇڏيو آهي؛ ۽ سندس قلعن کي ڊاهي ڇڏيو اٿيئي. |
|
| 41 |
|
| جيڪي اتان لنگهن ٿا سي انهن کي پيا لٽين: ۽ هو پنهنجي پاڙيوارن لاءِ طعنن جو سبب آهي. |
|
| 42 |
|
| تو منهنجي دشمنن جو ساڄو هٿ بلند ڪيو آهي، ۽ سندس سڀني ويرين کي خوش ڪيو اٿيئي. |
|
| 43 |
|
| هائو، تو هن جي ترار جي ڌار کي موڙيو آهي، ۽ کيس جنگ ۾ بيهڻ نہ ڏنو اٿيئي. |
|
| 44 |
|
| تو هن جي رونق اُڏائي ڇڏي آهي، ۽ سندس تخت کي پٽ تي اُڇلايو اٿيئي. |
|
| 45 |
|
| تو هن جي جوانيءَ جا ڏينهن گهٽائي ڇڏيا آهن: ۽ کيس شرم سان ڍڪي ڇڏيو اٿيئي. |
|
| 46 |
|
| اي خداوند ڪيستائين، تون هميشہ تائين پاڻ لڪائي ڇڏيندين ڇا؟ ڪيستائين تنهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي پيئي ٻرندي؟ |
|
| 47 |
|
| ياد ڪر تہ منهنجو وقت ڪيترو نہ ٿورو آهي: تو ڪهڙيءَ بيهودگيءَ لاءِ بني آدم کي پيدا ڪيو آهي! |
|
| 48 |
|
| اهو ڪهڙو ماڻهو اهي جو پيو جيئندو ۽ موت کي ڪين ڏسندو، ڪير پنهنجيءَ جان کي قبر کان بچائيندو؟ |
|
| 49 |
|
| اي خداوند تنهنجون اڳيون رحمتون ڪٿي آهن، جن بابت تو دائود سان پنهنجيءَ وفاداريءَ جو قسم کنيو هو؟ |
|
| 50 |
|
| اي خداوند تنهنجي بندن جي جيڪا بدنامي ٿي آهي سا ياد ڪر: آءٌ تہ پنهنجي سيني ۾ زوراور قومن جا طعنا پيو سهان. |
|
| 51 |
|
| اي خداوند تنهنجي دشمنن ڪيئن نہ طعنا هنيا آهن، بلڪ جنهن کي تو مسح ڪيو اهي تنهن کي قدم قدم تي طعنا ٿا هڻن. |
|
| 52 |
|
| شل خداوند سدائين مبارڪ هجي. آمين آمين. |
|
|
|
|