|
| 1 |
|
| اي خداوند! شل تنهنجي لافاني شفقت جا گيت آءٌ سدائين ڳائيندو رهان. شل پيڙهي بہ پيڙهي آءٌ تنهنجي وفا بيان ڪندو رهان. |
|
| 2 |
|
| مون کي يقين آهي تہ تنهنجي شفقت هميشہ قائم رهندي، هائو، آسمان جيان تو پنهنجي وفا کي قائم رکيو آهي. |
|
| 3 |
|
| تو خداوند فرمايو آهي تہ ”مون پنهنجي چونڊيل بندي سان عهد ٻڌو آهي، هائو، مون پنهنجي ٻانهي دائود سان قسم کنيو آهي تہ |
|
| 4 |
|
| ’تنهنجي نسل مان سدائين ڪو نہ ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، هائو، پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجو تخت قائم رهندو.‘“ |
|
| 5 |
|
| اي خداوند! شل آسمانن ۾ تنهنجي معجزن جي تعريف ڪئي وڃي. هائو، شل آسمان وارا تنهنجي وفا جي واکاڻ پيا ڪن. |
|
| 6 |
|
| اي خداوند! آسمانن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جنهن جي تو سان ڀيٽ ڪجي، ۽ نہ ئي معبودن جي ٽولي ۾ ڪو تو جهڙو آهي. |
|
| 7 |
|
| اي خدا! آسمان وارن ۾ هر ڪو تنهنجو خوف رکي ٿو، جيڪي تنهنجي آسپاس آهن، تن سڀني کان تون وڌيڪ هيبتناڪ آهين. |
|
| 8 |
|
| اي خداوند ، قادرِمطلق خدا! تو جهڙو زورآور ٻيو ڪير آهي؟ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ تون ئي پورو پورو وفادار آهين. |
|
| 9 |
|
| گجندڙ سمنڊ تي تنهنجو ئي حڪم هلي ٿو، جڏهن ان جون ڇوليون مٿي چڙهن ٿيون، تڏهن تون ئي انهن کي ماٺو ڪرين ٿو. |
|
| 10 |
|
| تو سامونڊي بلا رهب کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو آهي. تو پنهنجو زورآور هٿ کڻي پنهنجي ويرين کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي. |
|
| 11 |
|
| بيشڪ آسمان تنهنجا آهن ۽ زمين پڻ تنهنجي ئي آهي، تو ئي جهان ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ڪجھہ آهي تنهن کي جوڙيو آهي. |
|
| 12 |
|
| هائو، اتر کان ڏکڻ تائين تو ئي هر شيءِ پيدا ڪئي آهي. سو تبور ۽ حرمون جبل بہ تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ڪن ٿا. |
|
| 13 |
|
| تنهنجي قدرت تمام مٿاهين آهي. تنهنجو هٿ زورآور آهي ۽ تون طاقت وارو آهين. |
|
| 14 |
|
| تنهنجو تخت عدل ۽ سچائيءَ جي بنياد تي بيٺل آهي، دائمي شفقت ۽ وفا تنهنجي آڏو رهن ٿيون. |
|
| 15 |
|
| سڀاڳي آهي اها قوم، جيڪا خوشيءَ جي نعري سان تنهنجي واکاڻ ڳائي ٿي. اي خداوند! اسين تنهنجي مهربانين سان زندگي گذاريون ٿا. |
|
| 16 |
|
| اسين تنهنجي نالي جي ڪري سڄو ڏينهن خوشيون ڪيون ٿا، ۽ تنهنجي ڪيل ڀلائيءَ جي ڪري بيحد خوش ٿيون ٿا. |
|
| 17 |
|
| انهيءَ سبب جو تون اسان جي طاقت جو شان آهين، تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جي طاقت وڌي ٿي. |
|
| 18 |
|
| اي خداوند! تون ئي اسان جي ڍال آهين. اي اسرائيل جا پاڪ معبود! تون ئي اسان جو بادشاهہ آهين. |
|
| 19 |
|
| خدا پنهنجي چونڊيل بندن کي اڳي رويا ۾ هيئن فرمايو هو تہ ”مون پنهنجي قوم مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو آهي. هائو، مون هڪڙي جنگي جوڌي کي سندن بادشاهہ بڻايو آهي. |
|
| 20 |
|
| اهو منهنجو ٻانهو دائود ئي آهي، جنهن کي مون پنهنجي خاص تيل سان مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو آهي. |
|
| 21 |
|
| منهنجو هٿ سدائين انهيءَ جي مٿان رهندو، ۽ منهنجي هٿان کيس طاقت پيئي ملندي. |
|
| 22 |
|
| سندس ڪوبہ دشمن کيس شڪست ڏيئي نہ سگھندو، ۽ نہ وري ڪو بڇڙو ماڻهو انهيءَ کي آزاري سگھندو. |
|
| 23 |
|
| بلڪ آءٌ سندس دشمنن کي سندس روبرو چيڀاٽي ڇڏيندس. هائو، جيڪي ساڻس عداوت ٿا رکن تن کي آءٌ ماري وجھندس. |
|
| 24 |
|
| مون خدا جي وفا ۽ شفقت هميشہ انهيءَ ساڻ رهندي، هائو، منهنجي قدرت جي وسيلي هن جو ڳاٽ مٿاهون رهندو. |
|
| 25 |
|
| آءٌ هن جي بادشاهت کي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ کان اوڀر ۾ فرات نديءَ تائين وڌائي ڇڏيندس. |
|
| 26 |
|
| دائود مون کي پڪاري چوندو تہ ’تون منهنجو ابو آهين، تون ئي منهنجو خدا، منهنجو محافظ ۽ بچاءُ آهين.‘ |
|
| 27 |
|
| آءٌ انهيءَ کي پنهنجي پهريتي پٽ ٿيڻ جو حق ڏيئي کيس دنيا جي سڀني بادشاهن کان عظيم بادشاهہ بڻائيندس. |
|
| 28 |
|
| آءٌ ابد تائين انهيءَ تي پنهنجي شفقت قائم رکندس، ۽ منهنجو عهد انهيءَ سان بيحد مضبوط رهندو. |
|
| 29 |
|
| انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين آسمان قائم آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو. |
|
| 30 |
|
| پر جيڪڏهن سندس اولاد منهنجي شريعت کي ڇڏي ڏيندو، جيڪڏهن اهي منهنجي قاعدن تي نہ هلندا، |
|
| 31 |
|
| يا منهنجي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندا، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪندا، |
|
| 32 |
|
| تہ پوءِ آءٌ سندن ڏوهن جي سزا کين لٺ سان ڏيندس. هائو، آءٌ سندن گناهن جي سزا کين چهبڪن سان ڏيندس. |
|
| 33 |
|
| تڏهن بہ آءٌ دائود تي ڪيل پنهنجي شفقت سندس اولاد تان ڪين هٽائيندس. هائو، آءٌ پنهنجي وفا کي باطل ٿيڻ ڪين ڏيندس. |
|
| 34 |
|
| آءٌ دائود سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس. هائو، پنهنجي ڪيل واعدن مان آءٌ هڪڙي تان بہ نہ ڦرندس. |
|
| 35 |
|
| مون پهريون ۽ آخري دفعو پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي ۽ دائود سان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائيندس تہ |
|
| 36 |
|
| انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو نہ ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين سج قائم آهي، تيستائين آءٌ سندس تخت قائم رکندس. |
|
| 37 |
|
| هائو، جيستائين آسمان ۾ چنڊ قائم آهي، تيستائين سندس بادشاهت قائم وَ دائم رهندي.“ |
|
| 38 |
|
| پر اي خداوند! ڏس، هاڻي تون پنهنجي مسح ڪيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهين. تو پنهنجي انهيءَ مخصوص ڪيل بادشاهہ کي رد ڪيو آهي، ۽ کيس ڇڏي ڏنو اٿيئي. |
|
| 39 |
|
| تو پنهنجي ٻانهي سان ٻڌل عهد کي منسوخ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي تاج کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿيئي. |
|
| 40 |
|
| تو هن جي شهر جون ڀتيون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿيئي. |
|
| 41 |
|
| رستي کان لنگھندڙ سڀيئي تنهنجي انهيءَ چونڊيل کي پيا لٽين ڦرين ٿا. سندس آسپاس جي قومن وارا مٿس طعنا هڻن ٿا. |
|
| 42 |
|
| تو ئي سندس مخالفن کي انهيءَ تي فاتح بڻايو آهي. ائين ڪري تو سندس سڀني ويرين کي خوش ڪيو آهي. |
|
| 43 |
|
| تو هن جي تلوار جي ڌار کي موڙي ڇڏيو آهي، ۽ جنگ جي وقت سندس پيرن کي ڄمڻ ڪين ڏنو اٿيئي. |
|
| 44 |
|
| تو هن جي شاهي شان کي مِٽائي ڇڏيو آهي، ۽ سندس تخت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿيئي. |
|
| 45 |
|
| تو کيس جوانيءَ ۾ ئي پوڙهو بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ خواريءَ سان کيس ڍڪي ڇڏيو اٿيئي. |
|
| 46 |
|
| اي خداوند! ڪيستائين، ڇا ابد تائين منهن موڙي ڇڏيندين؟ تون ڪيستائين پنهنجي غضب کي باهہ جيان ڀڙڪائيندو رهندين؟ |
|
| 47 |
|
| اي خداوند! ڏس، منهنجي زندگي ڪيتري نہ ٿوري آهي! ڏس، تو بني آدم کي ڪيڏو نہ فاني بڻايو آهي! |
|
| 48 |
|
| ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جيڪو موت نہ ڏسندو ۽ پيو جيئندو؟ ڇا ڪو اهڙو آهي جيڪو قبر کان پنهنجي جان بچائي سگھندو؟ |
|
| 49 |
|
| اي پروردگار! تنهنجي اها شفقت ڪٿي آهي، جيڪا پهريائين هئي؟ جنهن بابت تو دائود سان پنهنجي وفا جو قسم کنيو هو. |
|
| 50 |
|
| اي منهنجا رب! پنهنجي هن بندي کي ياد ڪر، جنهن جي بدنامي پئي ٿئي. هائو، آءٌ سڀني غير قومن جا طعنا پنهنجي سيني تي پيو سهان. |
|
| 51 |
|
| اي خداوند! ڏس، تنهنجا دشمن ڪيئن نہ قدم قدم تي، تنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل هن بادشاهہ کي طعنا هڻن ٿا. |
|
| 52 |
|
| شال سدائين خداوند جي واکاڻ هجي. آمين، ثم آمين. |
|
|
|
|