|
| 1 |
|
| آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان خداوند جا ٿورا مڃيندس؛ آءٌ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندس. |
|
| 2 |
|
| آءٌ تو ۾ خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس؛ اي خدا تعاليٰ آءٌ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس. |
|
| 3 |
|
| جڏهن منهنجا دشمن پٺ تي ٿا هٽن، تڏهن اهي تنهنجي اڳيان ڪري نابود ٿا ٿين. |
|
| 4 |
|
| ڇالاءِ جو تو منهنجو حق ۽ منهنجي دعويٰ قائم ڪئي آهي؛ تو تخت تي ويهي سچو انصاف ڪيو آهي. |
|
| 5 |
|
| تو قومن کي ڇينڀيو آهي، تو بڇڙن کي برباد ڪيو آهي، ۽ انهن جو نالو هميشہ جي لاءِ مٽائي ڇڏيو اٿيئي. |
|
| 6 |
|
| دشمنن جي پڇاڙي ٿي آهي، اهي هميشہ جي لاءِ فنا ٿي ويا آهن؛ ۽ جن شهرن کي تو ڦٽائي ڇڏيو آهي، تن جي يادگيري بہ ميٽجي ويئي آهي. |
|
| 7 |
|
| پر خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي؛ هن پنهنجو تخت انصاف ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو آهي. |
|
| 8 |
|
| هو راستبازيءَ سان دنيا جي عدالت ڪندو، ۽ سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو. |
|
| 9 |
|
| خداوند مظلومن جي لاءِ اوچو ٺلهہ، ۽ مصيبت جي وقت انهن جو قلعو ٿيندو؛ |
|
| 10 |
|
| جن کي تنهنجي نالي جي خبر آهي سي توتي ڀروسو رکندا؛ ڇو جو اي خداوند، جيڪي توکي ڳولين ٿا، تن کي ٿو ڇڏي ڪين ڏنو آهي. |
|
| 11 |
|
| خداوند جي تعريف ڳايو، جو صيون ۾ ٿو رهي؛ ۽ ماڻهن ۾ سندس ڪمن جو بيان ڪريو. |
|
| 12 |
|
| ڇالاءِ جو خون جي جانچ ڪرڻ وارو انهن کي ياد ٿو ڪري؛ هو غريبن جي دانهن کي وساري نہ ٿو. |
|
| 13 |
|
| اي خداوند، تون جو مونکي موت جي دروازن تان اُٿاريندڙ آهين، مون تي رحم ڪر؛ ۽ نفرت ڪرڻ وارا مون کي جيڪو ڏک ٿا ڏين، تنهن تي نظر ڪر. |
|
| 14 |
|
| تہ آءٌ صيون جي ڌيءَ جي دروازن ۾ تنهنجي سڀ تعريف ظاهر ڪريان؛ آءٌ تنهنجيءَ نجات جي ڪري سرهو ٿيندس. |
|
| 15 |
|
| قومن جيڪا کڏ کوٽي آهي، تنهن ۾ اهي پاڻ ڪري پيون آهن؛ جو ڄار انهن لڪائي رکيو آهي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن. |
|
| 16 |
|
| خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي. |
|
| 17 |
|
| بدڪار وڃي قبر ۾ پوندا، يعني اهي سڀ قومون جي خدا کي وسارين ٿيون. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو محتاج هميشہ وساريا نہ ويندا، نڪي غريبن جي اُميد هميشہ جي لاءِ تباهہ ٿيندي. |
|
| 19 |
|
| اي خداوند، اُٿ، انسان غالب نہ ٿئي؛ ڀلي تہ تنهنجي حضور ۾ قومن جي عدالت ٿئي. |
|
| 20 |
|
| اي خداوند، انهن کي ڊپ ۾ وجهہ: تہ قومون پاڻ کي انسان سمجهن. |
|
|
|
|