Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خداوند تون سڀني پيڙهين ۾ اسان جي پناهہ گاهہ ٿيو آهين. |
| 2 |
| جبل پيدا ٿيا، يا تو زمين ۽ جهان کي جوڙيو، تنهن کان اڳي بلڪ ازل کان وٺي ابد تائين تون ئي خدا آهين. |
| 3 |
| تون انسان کي موٽائي مٽيءَ سان ٿو ملائين، ۽ چوين ٿو تہ اي بني آدم موٽي اچو. |
| 4 |
| ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ هزار ورهيہ اهڙا آهن جهڙو ڪالهوڪو ڏينهن جو گذري ويو، ۽ جهڙو رات جو هڪڙو پهر. |
| 5 |
| تون انهن کي اُٿل جي پاڻيءَ وانگي وهائي ٿو ڇڏين؛ اهي ننڊ جي جهوٽي وانگر آهن: هو انهي گاهہ جهڙا آهن جو صبح جو اُڀري ٿو. |
| 6 |
| هو صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو؛ پر سانجهيءَ جو وڍجي ٿو وڃي ۽ ڪومائجي ٿو وڃي. |
| 7 |
| اسين تنهنجي غصي جي ڪري فنا ٿا ٿيون، ۽ تنهنجيءَ ڪاوڙ جي ڪري حيران پريشان آهيون. |
| 8 |
| تو اسان جون خطائون پنهنجي سامهون رکيون آهن، ۽ اسان جا ڳجها گناهہ تنهنجي چهري جي سوجهري ۾ پڌرا ٿيا آهن. |
| 9 |
| ڇو تہ اسان جا سڀ ڏينهن تنهنجي غضب ۾ ٿا گذرن: ۽ اسان جا ورهيہ آکاڻيءَ وانگي پورا ٿيو وڃن. |
| 10 |
| اسان جي ڄمار جا ڏينهن ستر ورهيہ آهن يا طاقت جي ڪري کڻي اسي ورهيہ ٿين، تڏهن بہ انهيءَ جي رونق فقط محنت ۽ غم آهي؛ ڇو جو اها جلد گذريو وڃي ۽ اسين اُڏامي ٿا وڃون. |
| 11 |
| تنهنجي غصي جي جوش جي ڪنهن کي خبر آهي، ۽ ڪنهن کي تنهنجيءَ ڪاوڙ جو پورو ڊپ آهي؟ |
| 12 |
| تون اسان کي اهڙيءَ طرح اسان جا ڏينهن ڳڻڻ سيکار جو اسين داناءُ دل حاصل ڪريون. |
| 13 |
| اي خداوند، باز اچ ڪيستائين؟ ۽ پنهنجن بندن تي رحم ڪر. |
| 14 |
| صبح جو پنهنجي رحم سان اسان کي ڍءُ ڪراءِ؛ تہ اسين پنهنجي ساري عمر خوش رهون ۽ سرها ٿيون. |
| 15 |
| جيترا ڏينهن تو اسان کي ڏکن ۾ رکيو، ۽ جيترا ورهيہ اسان آفتن ۾ گذاريا، اوتري خوشي اسان کي عطا ڪر. |
| 16 |
| پنهنجي بندن کي پنهنجو ڪم ڏيکار، ۽ سندن اولاد تي پنهنجو جلال ظاهر ڪر. |
| 17 |
| شل خداوند اسان جي خدا جو جمال اسان تي هجي: تون اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر؛ هائو، تون ئي اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/090.mp3
150
90