Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| جيڪو خدا تعاليٰ جي پردي ۾ ٿو رهي سو قادر مطلق جي پاڇي ۾ رهندو. |
| 2 |
| آءٌ خداوند جي بابت چوندس تہ هو منهنجي پناهہ ۽ منهنجو قلعو آهي؛ هو منهنجو خدا آهي، ۽ انهي تي منهنجو ڀروسو آهي. |
| 3 |
| ڇو جو هو توکي ماريءَ جي ڦندي کان، ۽ موتمار مريءَ کان ڇڏائيندو. |
| 4 |
| هو توکي پنهنجن کنڀن سان ڍڪيندو، ۽ سندس پرن هيٺ توکي پناهہ ملندي: هن جي سچائي ڍال ۽ سپر آهي. |
| 5 |
| تون رات جي هيبت کان ڪين ڊڄندين، نڪي انهي تير کان جو ڏينهن جو هلايو ويندو، |
| 6 |
| نہ انهيءَ مريءَ کان جا اوندهہ ۾ پيئي گهمي، نڪي وبا کان جا ڏينهن ڏٺي جو برباد ٿي ڪري. |
| 7 |
| تنهنجي پاسي ۾ هزار ڪري پوندا، بلڪ تنهنجي ساڄي هٿ وٽ ڏهہ هزار؛ پر اُها تو تائين ڪين پهچندي. |
| 8 |
| تون رڳو پنهنجن اکين سان نهاريندين، ۽ بڇڙن جو نتيجو ڏسندين. |
| 9 |
| ڇالاءِ جو اي خداوند، تون منهنجي پناهہ آهين! تو خدا تعاليٰ کي پنهنجي رهڻ جي جاءِ ڪيو آهي؛ |
| 10 |
| تنهن ڪري توتي ڪا مصيبت ڪانہ پوندي، نڪي ڪا آفت وري تنهنجي تنبوءَ جي ويجهو ايندي. |
| 11 |
| ڇو جو هو پنهنجن فرشتن کي حڪم ڏيندو، تہ اهي تنهنجن سڀني واٽن ۾ تنهنجي سنڀال ڪن. |
| 12 |
| اهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا تہ متان تنهنجي پير کي پٿر سان جهري لڳي. |
| 13 |
| تون شينهن ۽ سپ کي لتاڙيندين: تون شينهن جي ٻچي ۽ نانگ کي پائمال ڪندين. |
| 14 |
| ڇو جو هن مون سان دل لڳائي آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس ڇڏائيندس: هن منهنجو نالو سڃاتو آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس سرفراز ڪندس. |
| 15 |
| هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس. |
| 16 |
| آءٌ هن کي وڏيءَ ڄمار سان آسودو ڪندس، ۽ پنهنجي نجات کيس ڏيکاريندس. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/091.mp3
150
91