|
| 1 |
|
| اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو، |
|
| 2 |
|
| خداوند کي اوهين هيئن چئو تہ ”اي اسان جي پناهہ ۽ اسان جا قلعا! تون ئي اسان جو خدا آهين جنهن تي اسان کي ڀروسو آهي.“ |
|
| 3 |
|
| انهيءَ سبب جو اوهان کي ماريءَ جي ڦندي کان هو ئي ڇڏائيندو. هائو، اوهان کي موتمار بيماريءَ کان اهو ئي ڇڏائيندو. |
|
| 4 |
|
| هو اوهان تي پنهنجي پرن جي ڇانوَ ڪندو، ۽ اوهين سندس حفاظت ۾ رهندا. سندس وفا اوهان جي واسطي ڍال ۽ پناهہ ٿيندي. |
|
| 5 |
|
| پوءِ اوهين نڪي رات جي هيبت کان ڊڄندا، ۽ نہ وري انهن تيرن کان، جيڪي ڏينهن جو هلايا ويندا هجن. |
|
| 6 |
|
| اوهين نڪي ان وبا کان ڊڄندا جيڪا اونداهيءَ ۾ اچي پوي ٿي، ۽ نہ وري ان برباديءَ کان جيڪا ڏينهن ڏٺي اچي ڪڙڪي ٿي. |
|
| 7 |
|
| پوءِ اوهان جي آڏو هڪ هزار مرن توڙي کڻي ڏهہ هزار، پر تڏهن بہ اوهان کي ڪو ڇيهو ڪونہ رسندو. |
|
| 8 |
|
| اوهين رڳو پنهنجي اکين سان ويٺا ڏسندا. هائو، اوهين ڏسجو تہ بدڪارن کي ڪهڙو بدلو ٿو ملي. |
|
| 9 |
|
| اوهان خداوند کي پنهنجي پناهہگاهہ بڻايو آهي، بيشڪ اوهان خدا تعاليٰ کي پنهنجو محافظ بڻايو آهي. |
|
| 10 |
|
| سو هاڻي اوهان تي ڪابہ مصيبت ڪانہ ايندي، نڪي وري ڪابہ آفت اوهان جي گھر جي ويجھو ايندي. |
|
| 11 |
|
| انهيءَ سبب جو هن اوهان لاءِ پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏنو آهي، تہ اهي اوهان جي سڀني واٽن ۾ اوهان جي سنڀال ڪندا رهن. |
|
| 12 |
|
| اهي پنهنجي هٿن تي کڻي اوهان کي مٿي جھلي وٺندا، تانتہ متان ڪنهن پٿر سان اوهان جي پيرن کي چوٽ لڳي. |
|
| 13 |
|
| اوهين ببر شينهن ۽ ڪاريهر نانگ کي بہ پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙي وجھندا. هائو، اوهين جوان شينهن ۽ ازدها کي بہ پائمال ڪري ڇڏيندا. |
|
| 14 |
|
| خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي مون سان دل لڳائين ٿا، تن کي آءٌ ڇڏائيندس. آءٌ سندن حفاظت ڪندس، ڇوجو هو مون کي خداوند مڃين ٿا. |
|
| 15 |
|
| جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس. |
|
| 16 |
|
| آءٌ کين وڏي ڄمار عطا ڪندس، ۽ هو ڏسندا تہ مون کي بچائڻ جي ڪيڏي نہ قدرت آهي.“ |
|
|
|
|