Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا تعاليٰ، خداوند جي شڪر گذاري ڪرڻ، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڪرڻ چڱو ڪم آهي: |
| 2 |
| صبح جو تنهنجي ٻاجهہ جو، ۽ ڏهاڙي رات جو تنهنجي وفاداريءَ جو بيان ڪرڻ، |
| 3 |
| ڏهن تارن واري ساز سان، بربط سان، ۽ ستار جي مٺي آواز سان ڪهڙو نہ چڱو آهي. |
| 4 |
| ڇو تہ اي خداوند تو مون کي پنهنجن ڪمن سان خوش ڪيو آهي: آءٌ تنهنجيءَ دستڪاريءَ جي سبب سرهو ٿيندس. |
| 5 |
| اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! تنهنجا خيال تمام اونها آهن. |
| 6 |
| وحشي ماڻهوءَ کي انهن جي سڌ ڪانهي؛ نڪي بيوقوف اهي سمجهي ٿو. |
| 7 |
| جڏهن بڇڙا ماڻهو گاهہ وانگي اُسرن ٿا، ۽ سڀ خطاڪار وڌن ويجهن ٿا؛ تڏهن اهو انهيءَ لاءِ ٿو ٿئي تہ اهي هميشہ جي لاءِ برباد ٿي وڃن. |
| 8 |
| پر تون اي خداوند، سدائين سربلند آهين. |
| 9 |
| ڇو جو اي خداوند، ڏس، تنهنجا دشمن تباهہ ٿي ويندا؛ ۽ سڀ خطاڪار ڇڙوڇڙ ٿي ويندا. |
| 10 |
| پر تو منهنجو سڱ سان جي سڱ وانگي مٿي ڪيو آهي: آءٌ تازي تيل سان مسح ٿيو آهيان. |
| 11 |
| منهنجين اکين منهنجي مرضيءَ موجب دشمنن جو حال ڏٺو آهي، ۽ جيڪي بدڪار منهنجي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تن جو حال منهنجيءَ مرضيءَ موجب منهنجن ڪنن ٻڌو آهي. |
| 12 |
| راستباز ماڻهو کجيءَ وانگي وڌندو ويجهندو: هو لبنان جي ديودار وانگيان وڌندو. |
| 13 |
| جيڪي خداوند جي گهر ۾ لڳايا ويا آهن، سي اسان جي خدا جي ايوان ۾ وڌندا ويجهندا. |
| 14 |
| اهي پيريءَ ۾ بہ ڦل پيا ڏيندا؛ اهي رس سان ڀريل ۽ تازا رهندا. |
| 15 |
| تہ ظاهر ٿئي تہ خداوند سچو آهي؛ هو منهنجو ٽڪر آهي، ۽ منجهس ڪا ناراستي ڪانهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/092.mp3
150
92