مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! تون ئي بادشاهہ آهين، تو کي حشمت ۽ قدرت جو لبادو پهريل آهي. هن جهان کي تو اهڙو مضبوطيءَ سان قائم ڪيو آهي، جو ان کي ڪو لوڏو بہ اچي نہ ٿو سگھي. |
| 2 |
| اي خداوند! تنهنجو تخت قديم زماني کان قائم آهي. هائو، تون ئي ازل کان قائم وَ دائم آهين. |
| 3 |
| سمنڊ گجگوڙون ٿا ڪن، هائو، اهي ڏاڍو گوڙ شور پيا ڪن. |
| 4 |
| پر اي خداوند! تون انهن بحرن جي گوڙ شور کان وڌيڪ قوي آهين. تون سمنڊن جي وڏين ڇولين کان بہ وڌيڪ طاقتور آهين. هائو، عرش عظيم تي سڀني جي مٿان قادر تون ئي آهين. |
| 5 |
| اي خداوند! تنهنجا قاعدا قانون بلڪل پڪا پختا آهن. بيشڪ هميشہ هميشہ لاءِ پاڪيزگي ئي تنهنجي هيڪل جو شان آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/093.mp3
150
93