|
| 1 |
|
| اي خداوند، اي انتقام وٺڻ وارا خدا! اي خدا، جنهن جو ڪم بدلو وٺڻ آهي، پنهنجو جلوو ڏيکار. |
|
| 2 |
|
| اي جهان جا انصاف ڪرڻ وارا اُٿ: مغرورن کي بدلو ڏي. |
|
| 3 |
|
| اي خداوند بڇڙا ماڻهو ڪيستائين، هائو ڪيستائين، پاڻ کي پڏائيندا؟ |
|
| 4 |
|
| اهي بڪ بڪ ٿا ڪن، ۽ مغروريءَ سان ٿا ڳالهائين: ۽ سڀ خطاڪار ٻٽاڪون پيا هڻن. |
|
| 5 |
|
| اي خداوند اهي تنهنجيءَ اُمت کي پيڙين ٿا، ۽ تنهنجيءَ ميراث کي ڏکوئين ٿا. |
|
| 6 |
|
| اهي بيوہ زالن ۽ پرديسين کي قتل ٿا ڪن، ۽ يتيمن جو خون ٿا ڪن. |
|
| 7 |
|
| ۽ چون ٿا تہ خداوند ڏسندو ئي ڪين، يعقوب جو خدا خيال ڪونہ ڪندو. |
|
| 8 |
|
| اوهين جي اُمت ۾ وحشي آهيو سي ويچار ڪريو؛ ۽ اي بيوقوفو اوهين ڪڏهن سياڻا ٿيندا؟ |
|
| 9 |
|
| جنهن ڪن جوڙيو آهي سو نہ ٻڌندو ڇا؟ جنهن اک جوڙي آهي سو ڪين ڏسندو ڇا؟ |
|
| 10 |
|
| هو جو قومن کي سيکت ٿو ڏئي، ۽ ماڻهن کي علم ٿو سيکاري، سو سزا ڪين ڏيندو ڇا؟ |
|
| 11 |
|
| خداوند انسان جا خيال ڄاڻي ٿو، تہ اُهي اجايا آهن. |
|
| 12 |
|
| اي خداوند مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون سيکت ٿو ڏين، ۽ پنهنجي شريعت ٿو سيکارين؛ |
|
| 13 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ تون کيس مصيبت جي ڏينهن کان آرام بخشين، جيسين ڪ بڇڙي جي قبر کوٽجي. |
|
| 14 |
|
| ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي اُمت کي ڪڍي ڪين ڇڏيندو، نڪي پنهنجي ميراث کي ڇڏي ڏيندو. |
|
| 15 |
|
| ڇو تہ انصاف سچائيءَ ڏانهن موٽندو: ۽ سڀ سچيءَ دل وارا انهيءَ جي پيروي ڪندا. |
|
| 16 |
|
| منهنجي بدران ڪير بدڪارن جي برخلاف کڙو ٿيندو؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ خطاڪارن جي سامهون ٿيندو؟ |
|
| 17 |
|
| جيڪڏهن خداوند منهنجو مددگار نہ هجي ها، تہ منهنجي جان جلد ئي خاموش ٿي وڃي ها. |
|
| 18 |
|
| اي خداوند جنهن مهل مون چيو تہ منهنجو پير ترڪي ٿو؛ تنهن مهل تنهنجي رحم مون کي سنڀالي ورتو. |
|
| 19 |
|
| جڏهن منهنجي دل ۾ گهڻو فڪر ٿو ٿئي، تڏهن تنهنجي دلاسي جي ڪري منهنجي جان خوش ٿي ٿئي. |
|
| 20 |
|
| بڇڙائيءَ جي تخت سان، جو ٺڳيءَ جا قانون ٿو جوڙي، تنهنجو ڪو رشتو ٿيندو ڇا؟ |
|
| 21 |
|
| اهي راستباز جي جان وٺڻ لاءِ گڏ ٿا ٿين، ۽ بيگناهہ کي ڏوهاري ٿا ٺهرائين. |
|
| 22 |
|
| پر خداوند منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ ۽ منهنجو خدا منهنجي پناهہ جو ٽڪر آهي. |
|
| 23 |
|
| هن انهن کي سندن خطائن جو بدلو ڏنو، ۽ کين سندن بڇڙائيءَ ۾ تباهہ ڪندو؛ خداوند اسان جو خدا انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. |
|
|
|
|