|
| 1 |
|
| اي خداوند! اي بدلو وٺندڙ خدا! هائو، اي بڇڙن کان بدلو وٺندڙ خدا! پنهنجو جلال ڏيکار. |
|
| 2 |
|
| اُٿ اي خدا! تون جيڪو سڄي جهان جو انصاف ٿو ڪرين، سو مغرورن کي ڪا جوڳي سزا ڏي. |
|
| 3 |
|
| اي خداوند! اهي بڇڙا ماڻهو ڪيستائين، هائو، ڪيستائين اهي بڇڙا ماڻهو پاڻ کي پڏائيندا رهندا؟ |
|
| 4 |
|
| ڪيستائين اهي سڀ بدڪار بڪ بڪ پيا ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اهي مغروريءَ سان ڳالهائيندا ۽ ٻٽاڪون هڻندا رهندا؟ |
|
| 5 |
|
| اي خداوند! اهي تنهنجي قوم کي پيڙيندا ٿا رهن. هائو، اهي تنهنجي انهن چونڊيلن کي ستائيندا ٿا وتن. |
|
| 6 |
|
| اهي رننزالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن. |
|
| 7 |
|
| هو اسان جي ڏاڏي يعقوب جي خدا بابت هيئن ٿا چون تہ ”خداوند اسان کي ڪين ٿو ڏسي، نڪي اهو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا ٿا ڪريون.“ |
|
| 8 |
|
| اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ جاهل آهيو! ڪجھہ تہ ويچار ڪريو. اي بيوقوف انسانؤ! اوهان کي ڪڏهن عقل ايندو؟ |
|
| 9 |
|
| جنهن خود ڪن جوڙيو آهي، ڇا اهو ٻڌي ڪين سگھندو؟ جنهن خود اک جوڙي آهي، ڇا اهو ڏسي ڪين سگھندو؟ |
|
| 10 |
|
| هو جيڪو قومن کي سيکت ٿو ڏئي، ڇا اهو اوهان بدڪارن کي سزا ڪين ڏيندو؟ هو جيڪو انسان کي علم ٿو سيکاري، ڇا اهو پاڻ ڪجھہ ڪين ٿو ڄاڻي؟ |
|
| 11 |
|
| بيشڪ خداوند انسان جي سوچن کي ڄاڻي ٿو. هائو، خداوند ڄاڻي ٿو تہ انسان جو هر خيال اجايو آهي. |
|
| 12 |
|
| اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو. |
|
| 13 |
|
| بدڪار ماڻهو جڏهن انهن لاءِ مصيبتون پيدا ڪن ٿا، تڏهن تون کين آرام ٿو بخشين ۽ بدڪارن کي قبر داخل ٿو ڪرين. |
|
| 14 |
|
| اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي اڪيلو نہ ڇڏيندين، هائو، تون پنهنجي انهن چونڊيلن کي رد نہ ڪندين. |
|
| 15 |
|
| بيشڪ بيانصافي ختم ٿيندي ۽ انصاف سچارن جي هٿ ايندو. پوءِ سڀيئي سچيءَ دل وارا انصاف جي پيروي ڪرڻ لڳندا. |
|
| 16 |
|
| ڪنهن وقت منهنجي مدد ڪرڻ واسطي انهن بدڪارن سان منهن ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. |
|
| 17 |
|
| جيڪڏهن خداوند منهنجو مددگار نہ ٿئي ها، تہ جيڪر آءٌ مئلن جي جهان ۾ وڃي پوان ها. |
|
| 18 |
|
| جڏهن بہ مون محسوس ٿي ڪيو تہ منهنجو پير ترڪندو ٿو وڃي، تڏهن خداوند جي دائمي شفقت مون کي سنڀالي ٿي ورتو. |
|
| 19 |
|
| جڏهن بہ منهنجيءَ دل ۾ گھڻا فڪر اچي گڏ ٿي ٿيا، تڏهن خداوند جي تسلين مون کي سرهو ٿي ڪيو. |
|
| 20 |
|
| اهي بيانصاف جج، جيڪي قاعدن قانونن جي اوٽ ۾ ناانصافي ٿا ڪن، تن سان خداوند جو ڪوبہ واسطو ڪونهي. |
|
| 21 |
|
| اهي سچارن جي جان وٺڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا، ۽ انهن بيگناهہ ماڻهن تي قتل جي فتويٰ ڏين ٿا. |
|
| 22 |
|
| پر خداوند منهنجو پختو قلعو بڻيو آهي. هائو، منهنجو خدا منهنجي پناهہ وارو ٽڪر آهي. |
|
| 23 |
|
| هو انهن کي سندن بدڪارين جو بدلو ضرور ڏيندو، هائو، هو انهن کي سندن بڇڙائيءَ ۾ برباد ڪري ڇڏيندو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا انهن کي فنا ڪري ڇڏيندو. |
|
|
|
|