Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ زمين خوشي ڪري؛ ۽ ڀلي تہ بيشمار ٻيٽ سرها ٿين. |
| 2 |
| هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي. |
| 3 |
| هن جي اڳيان اڳيان باهہ ٿي وڃي، ۽ سندس دشمنن کي چوڌاري ساڙيو ڇڏي. |
| 4 |
| هن جي وڄ چمڪي جهان کي روشن ڪيو: زمين اها ڏسي ڏڪي ويئي. |
| 5 |
| خداوند جي حضور ۾، يعني ساريءَ زمين جي خداوند جي حضور ۾ جبل ميڻ وانگي پگهري ويا. |
| 6 |
| آسمان هن جي سچائي ظاهر ٿا ڪن، ۽ سڀني قومن سندس جلال ڏٺو آهي. |
| 7 |
| جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو. |
| 8 |
| اي خداوند، صيون اهو ٻڌي سرهو ٿيو، ۽ يهوداہ جون ڌيئرون تنهنجن فيصلن جي ڪري خوشيون ڪرڻ لڳيون. |
| 9 |
| ڇو جو اي خداوند تون ساريءَ زمين جو خدا تعاليٰ آهين: ۽ سڀني معبودن کان گهڻو اعليٰ آهين. |
| 10 |
| اوهين جيڪي خداوند کي پيار ٿا ڪريو، سي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو: هو پنهنجي مقدسن جي جان کي سنڀالي ٿو؛ هو انهن کي بڇڙن جي هٿان ڇڏائي ٿو. |
| 11 |
| راستبازن لاءِ روشني، ۽ سچيءَ دل وارن لاءِ سرهائي پوکي ويئي آهي. |
| 12 |
| اوهين جي راستباز آهيو، سي خداوند ۾ خوشي ڪريو: ۽ سندس پاڪ نالي جو شڪر ڪريو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/097.mp3
150
97