مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي سامونڊي علائقن وارؤ! بلڪ سڄي ڌرتيءَ وارؤ! اوهين سڀ خوشيون ملهايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند بادشاهہ آهي. |
| 2 |
| هو گھُگھُہ اونداهي ڪڪر جي پردي وچان سچائيءَ ۽ انصاف سان بادشاهي ڪري ٿو. |
| 3 |
| هن جي اڳيان اڳيان باهہ هلندي ٿي رهي، جيڪا سندس دشمنن کي ساڙي رک ڪريو ٿي ڇڏي. |
| 4 |
| سندس وِڄ ايڏو تہ چمڪاٽ ٿي ڪري، جو انهيءَ کي ڏسي ڌرتي بہ ڏڪيو ٿي وڃي. |
| 5 |
| خداوند جي آڏو پهاڙ بہ ميڻ جيان رجي وڃن ٿا، هائو، انهيءَ ڌڻيءَ جي آڏو جيڪو سڄي جهان جو مالڪ آهي. |
| 6 |
| آسمان انهيءَ جي سچائي ظاهر ڪن ٿا، ۽ سڀيئي قومون انهيءَ جو جلال ڏسن ٿيون. |
| 7 |
| تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا. |
| 8 |
| اي خداوند! تنهنجي انصاف وارن فيصلن سبب يروشلم وارا سرها ٿين ٿا، بلڪ يهوداہ جا سمورا شهر خوشيون ملهائين ٿا. |
| 9 |
| بيشڪ اي خداوند! تون ئي سڄي جهان جو حڪمرانِاعليٰ آهين. تون سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ گھڻو مٿاهون آهين. |
| 10 |
| جيڪي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪن ٿا، تن کي خداوند پيار ڪري ٿو. جيڪي سندس نيڪ بندا آهن تن جي هو حفاظت ڪري ٿو، ۽ بڇڙن ماڻهن جي هٿن منجھان کين ڇڏائي ٿو. |
| 11 |
| سچار ماڻهن جي مٿان خدا جو نور نازل ٿئي ٿو، هائو، سچيءَ دل وارن کي خوشيون عطا ٿين ٿيون. |
| 12 |
| سو اي سچارؤ! خداوند جي ڪري اوهين خوشي ڪريو. اوهين پاڪ خدا جو شڪرانو بجا آڻيو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/097.mp3
150
97