مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي. |
| 2 |
| خداوند دنيا جي سڀني قومن تي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ هو انصاف ڪرڻ ۽ ڇڏائڻ جي قدرت رکي ٿو. |
| 3 |
| هن بني اسرائيل جي خاطر پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا کي ياد فرمايو آهي. هائو، دنيا جي سڀني ماڻهن ڏٺو آهي تہ اسان جي خدا ڪيئن اسان کي بچايو آهي. |
| 4 |
| اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خداوند لاءِ خوشيءَ مان نعرا هڻو. جوش وَ جذبي سان خوشيءَ جا گيت ڳائي واکاڻ ڪريو. |
| 5 |
| اوهين دنبورا وڄائي خداوند جي واکاڻ ڳايو، هائو، دنبورا وڄائي سريلي آواز سان سندس تعريف ڳايو. |
| 6 |
| اوهين شرنايون ۽ نفيلون وڄائي، خداوند بادشاهہ جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻو. |
| 7 |
| اي سمنڊؤ! اوهين ۽ اوهان ۾ جيڪا بہ مخلوق آهي، سي سڀ خوشيءَ وچان گجگوڙ ڪريو. اي ڌرتي! تون ۽ تو ۾ جيڪا بہ مخلوق آهي، سي سڀ سندس نعرا هڻو. |
| 8 |
| سڀ درياءَ تاڙيون وڄائين، ۽ پهاڙ گڏجي خوشيءَ سان ڳائين، |
| 9 |
| ڇاڪاڻ تہ هو اچي ٿو، تانتہ دنيا وارن جو انصاف ڪري. هائو، هو انصاف ۽ سچائيءَ سان دنيا جي قومن جي عدالت ڪندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/098.mp3
150
98