Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ قومون ڏڪن: هو ڪروبين تي ويٺو آهي؛ ڀلي تہ زمين لڏي. |
| 2 |
| خداوند صيون ۾ عظيم آهي؛ هو سڀني قومن کان گهڻو مٿي آهي. |
| 3 |
| ڀلي تہ اهي تنهنجي عظيم ۽ هيبتناڪ نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هو پاڪ آهي. |
| 4 |
| بادشاهہ جي طاقت انصاف کي پسند ٿي ڪري. تون سچائيءَ کي قائم ٿو رکين، تون ئي يعقوب ۾ انصاف ۽ راستيءَ کي عمل ۾ ٿو آڻين. |
| 5 |
| اوهين خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ وٽ سجدو ڪريو: ڇو جو هو پاڪ آهي. |
| 6 |
| هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو. |
| 7 |
| هن ڪڪر جي ٿنڀ مان انهن سان ڳالهايو: ۽ جيڪي شاهديون ۽ قانون کين ڏنائين تن کي هنن مڃيو. |
| 8 |
| اي خداوند اسان جا خدا، تو انهن کي جواب ڏنو: جيتوڻيڪ تو انهن کي سندن ڪمن جو بدلو ڏنو، تڏهن بہ تون اُهو خدا آهين جنهن کين معاف ڪيو. |
| 9 |
| خداوند اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو؛ ڇو جو خداوند اسان جو خدا پاڪ آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/099.mp3
150
99