مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| خداوند بادشاهہ آهي. هو پردار آسماني مخلوق تي تختنشين آهي، سو سڀيئي قومون ڏڪن ٿيون، هائو، ڌرتيءَ کي ڪنبڻي آهي. |
| 2 |
| خداوند صيئون ۾ عظمت وارو آهي، هو سڀني قومن مٿان بلند وَ بالا آهي. |
| 3 |
| بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. شل سڀيئي قومون سندس عظيم، ۽ هيبتناڪ نالي جي واکاڻ ڪن. |
| 4 |
| اسان جو طاقتور بادشاهہ انصاف کي پسند ڪري ٿو، ۽ سچائيءَ کي سدائين قائم رکي ٿو. هائو، هن بني اسرائيل ۾ عدل ۽ انصاف کي قائم ڪيو آهي. |
| 5 |
| بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. سو اچو تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي ساراهہ ڪريون، ۽ سندس تخت آڏو جھڪي کيس سجدو ڪريون. |
| 6 |
| موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو. |
| 7 |
| خداوند ڪڪر جي ٿنڀي منجھان ساڻن ڳالهائيندو هو. هن کين جيڪي قاعدا قانون ڏنا تن تي هنن عمل ڪيو. |
| 8 |
| اي خداوند اسان جا خدا! تو پنهنجي قوم جي ٻڌي آهي. تون اهو خدا آهين جيڪو کين معاف ڪندو رهيو آهين، تنهن هوندي بہ سندن ڪمن جي سزا کين ضرور ڏني اٿيئي. |
| 9 |
| اوهين خداوند اسان جي خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا ئي پاڪ آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/099.mp3
150
99