|
| 1 |
|
| اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪٽنب کي وٺي ساڻس گڏجي مصر ۾ آيا، تن جا نالا هي آهن: |
|
| 2 |
|
| روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ، |
|
| 3 |
|
| اِسڪار، زبولون ۽ بنيامين، |
|
| 4 |
|
| دان، نفتالي، جد ۽ آشر. |
|
| 5 |
|
| اهي سڀ ماڻهو جيڪي يعقوب جي نسل مان پيدا ٿيا سي ستر هئا. سندس پٽ يوسف اڳ ۾ ئي مصر ۾ هو. |
|
| 6 |
|
| وقت گذرڻ سان يوسف ، سندس ڀائر ۽ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀيئي ماڻهو فوت ٿي ويا. |
|
| 7 |
|
| پر سندن نسل يعني اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو ۽ گھڻو وڌندو رهيو. هو نهايت طاقت وارو ٿيو ۽ اهو ملڪ انهن سان ڀرجي ويو. |
|
| 8 |
|
| تڏهن مصر ۾ ٻئي فرعون بادشاهہ زور ورتو، جيڪو يوسف جي باري ۾ ڪجھہ نہ ڄاڻيندو هو. |
|
| 9 |
|
| هن پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گھڻي وڌي ويئي آهي. |
|
| 10 |
|
| تنهنڪري اچو تہ ساڻن چالاڪيءَ سان هلون، متان اهي اڃا بہ وڌي وڃن ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمنن سان گڏجي اسان سان وڙهن ۽ ملڪ مان نڪري وڃن.“ |
|
| 11 |
|
| سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا. |
|
| 12 |
|
| پر جيئن جيئن مصري کين وڌيڪ تڪليفون ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ ملڪ ۾ پکڙجندا ويا، ايتري قدر جو مصري بني اسرائيل کان ڊڄڻ لڳا. |
|
| 13 |
|
| تڏهن هو بني اسرائيل کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا. |
|
| 14 |
|
| انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون. |
|
| 15 |
|
| تڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون عبراني عورتن جي داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو پوعاہ هو. |
|
| 16 |
|
| کين حڪم ڏنائين تہ ”جڏهن اوهين عبراني عورتن کي ويم ڪرايو تڏهن اوهين ڏسو، جيڪڏهن پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.“ |
|
| 17 |
|
| پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن بادشاهہ حڪم ڏنو هئن تيئن نہ ڪيائون ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنائون. |
|
| 18 |
|
| تڏهن فرعون داين کي گھرائي چيو تہ ”توهان ائين ڇو ڪيو جو پٽن کي بہ جيئرو ڇڏي ڏنوَ؟“ |
|
| 19 |
|
| تنهن تي داين فرعون کي وراڻيو تہ ”عبراني عورتون مصر جي عورتن وانگر نہ آهن. اُهي اهڙيون تہ صحتمند آهن جو داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪريو ڇڏين.“ |
|
| 20 |
|
| انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي ۽ سندن گھر آباد ڪيا، جو اهي خدا کان ڊنيون هيون. سو ائين بني اسرائيل جي قوم وڌندي ۽ تمام گھڻي ٿيندي رهي. |
|
| 21 |
|
|
|
| 22 |
|
| تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“ |
|
|
|
|