مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آءٌ فرعون ۽ مصر تي هڪڙي آخري آفت اڃا بہ آڻيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي هتان وڃڻ ڏيندو. هو پڪ اوهان سڀني کي هتان ڪڍي ڇڏيندو. |
| 2 |
| سو هاڻي تون وڃي پنهنجي ماڻهن کي چئُہ تہ هر ڪو مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان ۽ هر ڪا عورت پنهنجي پاڙيسرڻ کان چانديءَ ۽ سون جا زيور گھري وٺي.“ |
| 3 |
| خداوند بني اسرائيل جي ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي. اهڙيءَ طرح مصر جي ملڪ ۾ فرعون جا عملدار ۽ سندس ماڻهو موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجھڻ لڳا. |
| 4 |
| پوءِ موسيٰ فرعون کي چيو تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’اڌ رات ڌاري آءٌ مصر ملڪ جي وچ مان لنگھندس. |
| 5 |
| ان وقت مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا پٽ مري ويندا، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪا جنڊ ٿي پيهي. ان کان سواءِ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا مري ويندا. |
| 6 |
| مصر جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم مچي ويندو، جو اهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو ۽ نہ وري هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو. |
| 7 |
| پر بني اسرائيل مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ يا جانور تي ڪو ڪتو بہ ڪين ڀونڪندو. تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ، جيڪو خداوند آهيان سو مصرين ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ فرق ڪريان ٿو.‘“ |
| 8 |
| آخر ۾ موسيٰ چيس تہ ”تنهنجا هي سڀ عملدار مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي منٿ ڪندا تہ ’تون پنهنجي پوئلڳن کي وٺي هليو وڃ.‘ انهيءَ کان پوءِ آءٌ هليو ويندس.“ ائين چئي موسيٰ ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان فرعون وٽان نڪري ويو. |
| 9 |
| خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ” فرعون تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيئن آءٌ پنهنجا تمام گھڻا معجزا مصر جي ملڪ ۾ ڏيکاريان.“ |
| 10 |
| سو موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ معجزا فرعون جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. پر خدا فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ نہ ڏنو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/exodus/011.mp3
40
11