۽ جيڪڏهن اهو خاندان ايترو ننڍو هجي، جو سڄو گهيٽو کائي نہ سگهي، تہ اهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي، ڀاتين جي تعداد موجب، هڪڙو گهيٽو کڻي؛ هر ڪنهن ماڻهوءَ جي کاڌي موافق اوهين گهيٽي جي لاءِ پنهنجو حساب ڪجو.
ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.
۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.
۽ پهرئين ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ مجلس ٿيندي ۽ ستين ڏينهن بہ اوهان جي لاءِ پاڪ مجلس ٿيندي؛ انهن ڏينهن تي کاڌي کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪرڻ ۾ نہ اچي، رڳو اهوئي ڪم اوهان کي ڪرڻو آهي.
۽ اها فطيري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇالاءِ جو انهيءَ ساڳئي ڏينهن مون اوهانجن لشڪرن کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو آهي: تنهنڪري اوهين انهيءَ ڏينهن کي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون سمجهي قائم رکجو.
ڇالاءِ جو خداوند مصرين جي مارڻ لاءِ لنگهندو؛ ۽ جڏهن هو سردرن ۽ ٻانهين تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگهي ويندو، ۽ تباهي آڻڻ واري کي اوهان جي گهرن ۾ اچڻ ڪين ڏيندو تہ اچي اوهان کي ماري.
تڏهن اوهين چئجو تہ هيءَ انهيءَ خداوند جي لاءِ فسح جي قرباني آهي، جو مصر ۾ بني اسرائيل جي گهرن وٽان لنگهي ويو، جنهن وقت هن مصرين کي ماريو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين. تڏهن ماڻهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيو.
پوءِ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو مصر جي ملڪ ۾ فرعون، جو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي پهريتي ٻار کان وٺي، قيدي، جو قيد خاني ۾ هو، تنهن جي پهريتي ٻار تائين، جيڪي بہ پهريتا ٻار هئا، ۽ جانورن جا جيڪي پهريتا ٻچا هئا، سي سڀ خداوند ماري وڌا.
خداوند انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهنڪري اُها رات سندن لاءِ جاڳرتي جي رات آهي: هيءَ خداوند جي اُها رات آهي جا سڀني بني اسرائيلين کي سندين سڀني پيڙهين تائين ياد رکڻي آهي.
۽ جڏهن ڪو مسافر تو وٽ ٽڪيل هجي ۽ خداوند جي فسح ۾ شامل ٿيڻ چاهي، تہ پهرين هن جي گهر جا سڀيئي ماڻهو ختنو ڪرائين، ۽ پوءِ هو ويجها اچي فسح ۾ شامل ٿين؛ پوءِ هو اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ جهڙا ليکجڻ ۾ ايندا. پر ڪوبہ نامختون ماڻهو انهي مان نہ کائي.