پر جي سج اُڀرڻ کان پوءِ هن کي ماري وجهي، تہ مٿس خون جو ڏوهہ رکيو وڃي: چورايل مال جو عيوضو چور ڀري ڏئي، پر جي وٽس ڪي بہ نہ هجي تہ کيس چوريءَ جي ڪري وڪڻي ڇڏڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جانور کي ڪا ٻني يا ڊاک جو منهہ کارائي، يا پنهنجو ڪو ڍور ٻئي ماڻهوءَ جي ٻنيءَ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏي، تہ خود پنهنجي تمام ڀليءَ ٻنيءَ مان، يا پنهنجي عمدي ڊاک جي منهہ مان عيوضو ڀري ڏئي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو ڍڳو، يا گڏهہ، يا رڍ، يا ڪو ٻيو جانور رکڻ لاءِ ڏئي، ۽ اهو مري پوي، يا انهي کي ڪو ايذاءُ رسي، يا ڪيڏانهن هڪاليو وڃي، ۽ ڪوبہ انهي کي نہ ڏسي؛
تہ انهن ٻنهي جي وچ ۾ خداوند جي قسم سان فيصلو ٿئي تہ هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مال کي هٿ نہ لاتو آهي؛ ۽ انهي جو مالڪ اهو قسم قبول ڪندو، ۽ اهو ماڻهو عيوضو نہ ڀريندو.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کان ڪابہ شيءِ اُڌاري وٺندو، ۽ انهي جي مالڪ جي غير حاضريءَ ۾ انهي کي ڪو ايذاءُ رسندو، يا اها مري ويندي، تہ هو ضرور انهي جو عيوضو ڀري ڏيندو.
ڇالاءِ جو اها ئي فقط هن جي پوشاڪ آهي، ۽ اهو ئي هن جي بدن جو ڍڪ آهي، پوءِ هو ڇا ۾ سمهندو؟ ۽ جڏهن هو مون کي پڪاريندو، تڏهن آءٌ هن جي پڪار ٻڌندس؛ ڇوتہ آءٌ مهربان آهيان.