پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙي تيار ڪر؛ ۽ آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو،
هزارن تي رحم ڪندڙ، بڇڙائي، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهي، پر هو ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڪين ڇڏيندو؛ ابن ڏاڏن جي بڇڙائين جي سزا سندن اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو.“
۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿي آهي، تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ خداوند اسان سان گڏجي هلي، ڇالاءِ جو هي ضدي ماڻهو آهن؛ ۽ تون اسان جا قصور ۽ گناهہ معاف ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي ميراث ڄاڻي قبول ڪر.
ائين نہ ٿئي جو تون انهي ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد ڪرين، ۽ هو پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي، زناڪاري ڪن، ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني چاڙهين، ۽ منجهانئن ڪو توکي سڏي ۽ تون انهن جي قربانيءَ مان ڪي کائين؛
تون فطيري ماني جي عيد ڪندو رهج. جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج. ڇالاءِ جو ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.
۽ تون گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوضي ۾ هڪڙو گهٽو يا ڇيلو ڏج، پر جي انهي جو عيوضو نہ ڏين، تہ پوءِ انهي جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏج. تون پنهنجن پٽن مان سڀني پهريتن جو عيوضو ڏج. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.
ڇالاءِ جو آءٌ قومن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندس، ۽ تنهنجون حدون وڌائيندس؛ ۽ جڏهن تون سال ۾ ٽي ڀيرا خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيندين، تڏهن ڪوبہ ماڻهو تنهنجي زمين جي لالچ نہ ڪندو.