×

Sindhi Bible 1962

خروج ٣٧

1
۽ بضلي ايل ٻٻر جي ڪاٺ جي صندوق جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ، ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هئي.
2
۽ هن انهيءَ کي اندران ۽ ٻاهران سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ رکيائين.
3
۽ انهيءَ جي چئن ئي پاون لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا جوڙيائين، ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي، ۽ ٻہ ڪڙا ٻئي پاسي لاءِ.
4
۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين.
5
۽ اهي ڏنڊا صندوق جي کڻڻ لاءِ انهيءَ جي پاسن وارن ڪڙن ۾ وڌائين.
6
۽ هن نج سون جو رحمت جو پوش جوڙيو؛ انهي جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي.
7
۽ هن سون جا ٻہ ڪروبي جوڙيا؛ اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا هئا،
8
هڪڙو ڪروبي هڪڙي ڇيڙي تي، ۽ ٻيو ڪروبي ٻئي ڇيڙي تي هو؛ هن ٻنهي ڇيڙن تي اهي ٻئي ڪروبي، انهي ساڳئي ٽڪر مان، رحمت جي پوش سان گڏيل جوڙيا.
9
انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا، ۽ سندن منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هئا.
10
۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ جي ميز جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ ٻہ هٿ، ۽ ويڪر هڪ هٿ، ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هئي؛
11
۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ انهيءَ جي چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين.
12
۽ انهيءَ جي چوڌاري چار آڱر ويڪري ڪناري جوڙيائين، ۽ انهيءَ ڪناريءَ جي آس پاس سون جا ڇٽ جوڙيائين.
13
۽ هن انهيءَ جي لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا جوڙيا، ۽ اهي ڪڙا انهيءَ جي چئن پاون جي چئن ڪنڊن ۾ وڌائين.
14
اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجهو، ميز جي کڻڻ لاءِ، ڏنڊن وجهڻ جي جاين واسطي هئا.
15
۽ هن ميز جي کڻڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين.
16
۽ هن ميز تي رکڻ لاءِ ٿانو جوڙيا، يعني انهيءَ جون رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا، اهي سڀ نج سون جا جوڙيائين.
17
۽ هن نج سون جو شمعدان جوڙيو: اهو شمعدان گهڙيل ڪم جو هو؛ ۽ انهي جو ٿُڙ، شاخون، ڏياٽيون، بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان جوڙيل هئا.
18
۽ انهي جي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هيون، يعني شمعدان جون ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ٻاهر نڪتل هيون، ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان؛
19
۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي، ۽ هڪڙي گل سميت، هڪڙي شاخ ۾ هيون، ۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي، ۽ هڪڙي گل سميت، ٻي شاخ ۾ هيون: اهڙيءَ طرح شمعدان جون ڇهہ شاخون جيڪي ٻاهر نڪتل هيون تن ۾ ڏياٽيون هيون.
20
۽ چار ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، بونبن ۽ گلن سميت، شمعدان جي وچ ۾ جڙيل هيون:
21
۽ ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو، ۽ ٻين ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهيءَ ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو، ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺيان بہ هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو. اهڙيءَ طرح شمعدان مان نڪتل ڇهن ئي شاخن جي هيٺان بونبا هئا.
22
انهي جون شاخون، ۽ انهي جا بونبا انهي ساڳئي، هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا، اهي سڀيئي نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هئا.
23
۽ هن انهي جي لاءِ ست ڏيئا جوڙيا، ۽ انهن جي ڦلن لاهڻ جا چمٽا، ۽ رڪابيون نج سون جون جوڙيائين.
24
هن اهو، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، نج سون جي هڪڙي قنطار مان جوڙيا.
25
۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ هڪڙو هٿ، ۽ ويڪر بہ هڪڙو هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي؛ ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي؛ ۽ انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا.
26
۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جو انهيءَ جي مٿان، ۽ چئن پاسن تي، ۽ سڱن تي هو؛ ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين.
27
۽ هن انهي جي لاءِ ڇٽ جي هيٺان ٻنهي پاسي، سندس ٻن پٽين تي سون جا ٻہ ڇلا جوڙيا، تہ انهيءَ جي کڻڻ لاءِ ڏنڊن وجهڻ جون جايون ٿين.
28
۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين.
29
۽ هن عطارن جي هنر موجب، مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان جوڙيو.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو