|
| 1 |
|
| پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ |
|
| 2 |
|
| ”تون پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو يعني مون سان ملاقات وارو خيمو کڙو ڪرائج. |
|
| 3 |
|
| انهيءَ خيمي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق رکائج ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏج. |
|
| 4 |
|
| تون ميز مقدس جاءِ ۾ آڻائي، انهيءَ جون سموريون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکائج. شمعدان بہ اندر آڻائي رکج ۽ انهيءَ جا ڏيئا ٻارائي ڇڏج. |
|
| 5 |
|
| عهد واري صندوق جي اڳيان پردي جي ٻئي پاسي مقدس جاءِ ۾ تون لوبان ساڙڻ لاءِ سوني پٽ چڙهيل قربانگاهہ رکائج ۽ مقدس جاءِ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج. |
|
| 6 |
|
| مقدس خيمي جي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ وارين قربانين جي قربانگاهہ رکائج. |
|
| 7 |
|
| تون مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ حوض رکائج ۽ انهيءَ ۾ پاڻي وجھائي ڇڏج. |
|
| 8 |
|
| مقدس خيمي جي چوڌاري اڱڻ کي قنات لڳائي اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج. |
|
| 9 |
|
| پوءِ تون مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي مقدس خيمي ۽ انهيءَ ۾ اندر موجود سڀني شين کي مسح ڪري مخصوص ڪج. اهڙيءَ طرح انهيءَ کي ۽ انهيءَ جي سموري سامان کي پاڪ ڪج، تڏهن اهو مخصوص ٿي ويندو. |
|
| 10 |
|
| ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪج. پوءِ اها قربانگاهہ خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندي. |
|
| 11 |
|
| تون حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي بہ مسح ڪج، تہ جيئن اهو مخصوص ٿئي. |
|
| 12 |
|
| پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ آڻي، کين غسل ڪرائج. |
|
| 13 |
|
| تون هارون کي خاص پوشاڪ ڍڪائج. کيس مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪري. |
|
| 14 |
|
| تون هارون جي پٽن کي آڻي کين پهراڻ ڍڪائج. |
|
| 15 |
|
| تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن. سندن اهو مسح ٿيڻ هنن جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ڪاهنيءَ جي نشاني ٿيندي.“ |
|
| 16 |
|
| سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو هو. |
|
| 17 |
|
| سو مصر مان نڪري اچڻ جي ٻئي سال جي پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو کڙو ڪيو ويو. |
|
| 18 |
|
| موسيٰ خيمي کي کڙو ڪرڻ لاءِ پاوا هنيا، جن تي انهيءَ جا فريم رکيائين، انهن کي گز هنيائين ۽ انهيءَ جا ٿنڀا کڙا ڪيائين. |
|
| 19 |
|
| پوءِ انهيءَ کي قنات ۽ پال لڳايائين ۽ انهيءَ جي مٿان وري ڍڪ ۽ ٻہ غلاف چاڙهيائين. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو. |
|
| 20 |
|
| پوءِ موسيٰ خداوند جي حڪم مطابق عهد واريون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون. هن ٻانهيون صندوق جي ڪڙن ۾ وڌيون ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين. |
|
| 21 |
|
| پوءِ صندوق مقدس خيمي ۾ کڻائي آيو ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏيائين. |
|
| 22 |
|
| هن اتي مقدس جاءِ ۾ اتر واري پاسي کان پردي جي ٻاهران خداوند جي حڪم مطابق ميز رکائي. |
|
| 23 |
|
| انهيءَ تي نذراني وارا روٽ ترتيب سان خداوند آڏو رکايائين. |
|
| 24 |
|
| پوءِ هن خدا سان ملاقات واري انهيءَ خيمي ۾ مقدس جاءِ اندر ڏکڻ واري پاسي، خداوند جي حڪم مطابق ميز جي سامهون شمعدان رکايو. |
|
| 25 |
|
| هن اتي خداوند جي حضور ۾ ڏيئا ٻارايا. |
|
| 26 |
|
| هن سوني پٽ چڙهيل قربانگاهہ مقدس جاءِ ۾ پردي جي سامهون رکائي |
|
| 27 |
|
| ۽ خداوند جي حڪم مطابق انهيءَ تي خوشبودار مصالحن وارو لوبان ساڙيائين. |
|
| 28 |
|
| پوءِ هن خدا سان ملاقات واري خيمي جي دروازي تي پردو ٽنگايو. |
|
| 29 |
|
| هن خداوند جي حڪم جي پوئواري ڪندي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ رکائي. هن انهيءَ تي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ اناج جي قرباني ڏنائين. |
|
| 30 |
|
| هن قربانگاهہ ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي جي وچ ۾ حوض رکايو ۽ انهيءَ ۾ ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڀرائي ڇڏيائين، |
|
| 31 |
|
| تانتہ انهيءَ حوض مان موسيٰ ، هارون ۽ سندس پٽ پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن. |
|
| 32 |
|
| جڏهن بہ اهي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندا هئا يا قربانگاهہ جي ويجھو ويندا هئا، تڏهن حوض مان پنهنجا هٿ پير ڌوئي ويندا هئا. |
|
| 33 |
|
| پوءِ موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربانگاهہ جي چوڌاري اڱڻ جي قنات کڙي ڪرائي ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح موسيٰ هي سمورو ڪم ائين ئي پورو ڪيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو. |
|
| 34 |
|
| تڏهن ڪڪر خدا سان ملاقات واري خيمي کي ڍڪي ڇڏيو ۽ اهو مقدس خيمو خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويو. |
|
| 35 |
|
| موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي مٿان ڪڪر بيٺل هو ۽ اهو خداوند جي جلوي سان ڀريل هو. |
|
| 36 |
|
| سو جڏهن بہ ڪڪر خيمي تان مٿي کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجي سفر ۾ اڳتي وڌندا هئا. |
|
| 37 |
|
| پر جيستائين اهو ڪڪر مٿي کڄي نہ ويندو هو تيستائين اهي اڳتي سفر نہ ڪندا هئا. |
|
| 38 |
|
| جڏهن تہ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي ڏسندي سندن سڄي سفر دوران، ڏينهن جي وقت خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو ۽ رات جي وقت ڪڪر ۾ باهہ رهندي هئي. |
|
|
|
|