|
| 1 |
|
| هي نصيحتون دائود جي پٽ سليمان جون بيان ڪيل آهن، جيڪو بني اسرائيل جو بادشاهہ هو. |
|
| 2 |
|
| هنن نصيحتن مان پڙهندڙ ڏاهپ ۽ سٺي صلاح حاصل ڪندا ۽ اونهي معنيٰ واريون ڳالهيون سمجھي سگھندا. |
|
| 3 |
|
| اهي پڙهندڙن کي عقلمندي، ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ سان زندگي گذارڻ سيکارين ٿيون. |
|
| 4 |
|
| انهن مان اٻوجھہ ماڻهو هوشياري، ۽ نوجوان ڄاڻ ۽ دانائي حاصل ڪري سگھن ٿا. |
|
| 5 |
|
| هنن نصيحتن مان ڏاها ماڻهو وڌيڪ ڏاهپ ۽ سمجھدار ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا، |
|
| 6 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ اهي پهاڪن ۽ انهن جي ڳجھين معنائن کي ۽ ڏاهن جي چوڻين ۽ انهن جي مثالن کي سمجھي سگھن. |
|
| 7 |
|
| خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بيعقل آهن. |
|
| 8 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي والدين جي هدايت ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڏيو. |
|
| 9 |
|
| سندن نصيحت اوهان جي عظمت ۽ شان لاءِ اوهان جي مٿي جي تاج ۽ گلي جي سهڻي هار مثل هوندي. |
|
| 10 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! اوهين بڇڙن جي ڳالهين تي نہ هلو، توڙي جو اهي اوهان کي هرکائڻ لاءِ چون تہ |
|
| 11 |
|
| ”اسان سان گڏ هلو تہ ڪنهن جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙي ويهون، يا لڪي ويهي بيگناهہ ماڻهن کي ناحق ڦاسائڻ لاءِ ڦندو اڏيون. |
|
| 12 |
|
| جيتوڻيڪ اهي هينئر چڱا ڀلا ۽ صحتمند آهن، تہ بہ اسين انهن کي هميشہ جي لاءِ مئلن جي دنيا ڏانهن روانو ڪري ڇڏينداسين. |
|
| 13 |
|
| هنن مان اسان کي هر طرح جو قيمتي مال هٿ ايندو، ۽ اسين پنهنجا گھر لٽ جي مال سان ڀري ڇڏينداسين. |
|
| 14 |
|
| سو جيڪڏهن اوهين اسان جي ٽولي ۾ اچي شامل ٿيندا، تہ اسين اوهان کي بہ انهيءَ مال ۾ حصيدار بڻائينداسين.“ |
|
| 15 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! اوهين اهڙي قسم جي ماڻهن سان وڃي شامل نہ ٿجو، بلڪ انهن کان پري رهجو. |
|
| 16 |
|
| اهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ پٺتي نہ ٿا رهن، بلڪ هو خونريزيءَ لاءِ هميشہ تيار ٿا رهن. |
|
| 17 |
|
| اوهين اهڙي پکيءَ وانگر ٿيو، جيڪو پنهنجي آڏو ڄار کي ڦهليل ڏسي اڇلايل داڻن کان پاڻ کي پري ٿو رکي. |
|
| 18 |
|
| پر اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي ٻين جي خون ڪرڻ لاءِ لڪي ٿا ويهن، سي پاڻ ڪن ٻين جو شڪار ٿيو ٿا وڃن. |
|
| 19 |
|
| هائو، جيڪو مال ملڪيت اهي ڏوهن مان حاصل ڪن ٿا، سا ناجائز ڪمائي ئي سندن برباديءَ جو سبب بڻجي ٿي. |
|
| 20 |
|
| ٻڌو، ڏاهپ وڏي واڪي گھٽين ۽ بازارن ۾ پڪاريندي ٿي وتي. |
|
| 21 |
|
| اها ماڻهن جي هشامن ۾ ۽ شهر جي دروازن جي ويجھو پڪاريندي ٿي وتي. هائو، جتي بہ ميڙ گڏ ٿيل آهن، تتي اها ماڻهن کي مخاطب ٿي چوي ٿي تہ |
|
| 22 |
|
| ”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بيوقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟ |
|
| 23 |
|
| منهنجي تنبيهہ تي ڌيان ڏيو. ڏسو، آءٌ اوهان کي عقلمنديءَ سان مالا مال ڪري ڇڏينديس ۽ اوهان کي پنهنجيون ڳالهيون سمجھائينديس. |
|
| 24 |
|
| آءٌ اوهان کي سڏي رهي آهيان. هائو، آءٌ اوهان کي اچڻ جي دعوت ڏيئي رهي آهيان. پر اوهين ٻڌو ئي ڪونہ ٿا، نڪي مون ڏانهن ڪو ڌيان ٿا ڏيو. |
|
| 25 |
|
| اٽلندو اوهين منهنجي سڀني مشورن کي خسيس ٿا سمجھو، ۽ منهنجي تنبيهہ کي ٻڌڻ گوارا ئي نہ ٿا ڪريو. |
|
| 26 |
|
| سو جڏهن اوهان تي ڪا مصيبت ايندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کلنديس، ۽ جنهن وقت اوهان کي دهشت وٺي ويندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کل ٺٺوليون ڪنديس. |
|
| 27 |
|
| هائو، جڏهن دهشت اوهان مٿان طوفان جيان اچي ڪڙڪندي، ۽ مصيبت، تنگي ۽ ڏک اوهان کي خوفناڪ واچوڙي جيان اچي وڪوڙيندا، |
|
| 28 |
|
| تڏهن اوهين مدد لاءِ مون کي پڪاريندا، پر آءٌ اوهان کي ڪو جواب ئي ڪونہ ڏينديس. اوهين هر هنڌ مون کي ڳوليندا وتندا، پر لهي ڪين سگھندا، |
|
| 29 |
|
| ڇاڪاڻ تہ اوهان سمجھہ کي ڌڪاريو ۽ خداوند جو خوف رکڻ کان انڪار ڪيو. |
|
| 30 |
|
| اوهان منهنجي صلاح مشورو نہ مڃيو، ۽ منهنجي تنبيهہ کي خسيس ڄاتو. |
|
| 31 |
|
| تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندا ۽ پنهنجي افعالن جي پوري پوري سزا ڀوڳيندا. |
|
| 32 |
|
| بيشڪ جيڪي اٻوجھہ ۽ بيعقل نصيحت کان انڪار ڪن ٿا سي ماريا ويندا ۽ سندن لاپرواهي کين برباد ڪري ڇڏيندي. |
|
| 33 |
|
| پر جيڪو بہ منهنجي ٻڌندو، سو صحيح سلامت رهندو ۽ انهيءَ کي ڪنهن بہ آفت جو ڪوبہ ڊپ ڪونہ رهندو.“ |
|
|
|
|