|
| 1 |
|
| سليمان جا مثل. ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل پٽ پنهنجي ماءُ جي دل جو بار آهي. |
|
| 2 |
|
| شرارت جا خزانا ڪوبہ فائدو نٿا رسائين؛ پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي. |
|
| 3 |
|
| خداوند سچن جي روح کي بک مرڻ، نہ ڏيندو: پر هو شريرن جي خواهش برباد ڪيو ڇڏي. |
|
| 4 |
|
| جيڪو ڍري هٿ سان ڪم ڪري ٿو سو ڪنگال ٿئي ٿو: پر محنتيءَ جو هٿ مالدار ڪري ٿو. |
|
| 5 |
|
| جيڪو اونهاري ۾ گڏ ڪري رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي: پر جيڪو لابارن جي موسم ۾ سمهي ٿو سو پٽ شرمندگي پيدا ڪري ٿو. |
|
| 6 |
|
| سچي جي مٿي تي برڪتون آهن: پر شرير جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو. |
|
| 7 |
|
| انصاف واري جي يادگيري برڪت واري آهي: پر شرير جو نالو سڙي ڪِنو ٿيندو. |
|
| 8 |
|
| ڏاهي دل وارو حڪم قبول ڪندو: پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو. |
|
| 9 |
|
| جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو سلامتيءَ سان هلي ٿو: پر جيڪو ڏنگا رستا وٺي ٿو سو سڃاتو ويندو. |
|
| 10 |
|
| جيڪو اک ڇنڀي ٿو سو ڏک پيدا ڪري ٿو؛ پر بڪ بڪيو بيوقوف ڪرندو. |
|
| 11 |
|
| سچي جو وات حياتيءَ جو چشمو آهي: پر شريرن جي وات کي ظلم ڍڪي ڇڏي ٿو. |
|
| 12 |
|
| ڌڪار جهيڙا جهڳڙا پيدا ڪري ٿي: پر پيار سڀ گناهہ ڍڪي ڇڏي ٿو. |
|
| 13 |
|
| سياڻپ واري جي چپن ۾ ڏاهپ لڀي ٿي: پر جنهن کي سمجهہ ڪانهي تنهنجي پٺن لاءِ لڪڻ آهي. |
|
| 14 |
|
| ڏاها ماڻهو علم گڏ ڪن ٿا: پر بي عقل جو وات هڪڙو ترت موت آهي. |
|
| 15 |
|
| دولتمند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي: پر غريب ماڻهوءَ جي غريبي سندس ناس ٿيڻ جو سبب آهي. |
|
| 16 |
|
| سچي جو پورهيو حياتيءَ جو سبب آهي؛ پر شرير جو وڌڻ گناهہ جو سبب آهي. |
|
| 17 |
|
| جيڪو تعليم تي ڌيان ڏئي ٿو سو حياتيءَ جي رستي تي آهي: پر جيڪو ملامت کي ڇڏي ڏئي ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو. |
|
| 18 |
|
| جيڪو ڌڪار لڪائي ٿو، تنهن جا چپ ڪوڙ ڳالهائيندڙ آهن؛ ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بيوقوف آهي. |
|
| 19 |
|
| گهڻي ڳالهائڻ ۾ گناهہ جي ڪوتاهي ڪانهي: پر جيڪو پنهنجن چپن کي روڪي ٿو سو ڏاهپ جو ڪم ٿو ڪري. |
|
| 20 |
|
| سچي جي زبان عمدي چاندي آهي: شرير جي دل جو ڪوبہ ملهہ ڪونهي. |
|
| 21 |
|
| سچن جا چپ گهڻن کي کاڌو ڏين ٿا ۽ بي عقل سمجهہ نہ ڌارڻ ڪري مرن ٿا. |
|
| 22 |
|
| خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي. |
|
| 23 |
|
| شرارت ڪرڻ بي عقل جي لاءِ هڪڙي راند آهي: ۽ سمجهہ واري جي لاءِ ڏاهپ بہ ائين ئي آهي. |
|
| 24 |
|
| شرير جو ڊپ سندس سر تي ايندو: ۽ سچي جي مراد پوري ڪئي ويندي. |
|
| 25 |
|
| جڏهن واچوڙو لنگهي ٿو، تڏهن شرير گم ٿي وڃي ٿو: پر سچي جو بنياد سدائين قائم آهي. |
|
| 26 |
|
| جيئن سرڪو ڏند لاءِ دونهون اکين لاءِ، تيئن سست ماڻهو انهن لاءِ جي هن کي موڪلين ٿا. |
|
| 27 |
|
| خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو: پر شرير جا ورهيہ گهٽايا ويندا. |
|
| 28 |
|
| سچي جي اُميد خوشي ٿيندي: پر شرير جي آس چٽ ٿي ويندي. |
|
| 29 |
|
| خداوند جو رستو سچي جي لاءِ هڪڙو مضبوط ڪوٽ آهي: پر گناهہ ڪندڙن جي لاءِ موت آهي. |
|
| 30 |
|
| سچا ڪڏهن بہ چوريا نہ ويندا: پر شرير ملڪ ۾ ڪڏهن بہ نہ رهندا. |
|
| 31 |
|
| سچن جي وات مان ڏاهپ ٿي نڪري: پر بيهودي زبان وڍي ويندي. |
|
| 32 |
|
| سچن جا چپ ڄاڻن ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ قبول پوڻ جهڙي آهي: پر شريرن جي وات مان بيهودي بڪ نڪري ٿي. |
|
|
|
|