|
| 1 |
|
| هي سليمان جون چوڻيون آهن. داناءَ ٻار پنهنجي والدين جي خوشيءَ جو سبب ٿا بڻجن، مگر نادان ٻار سندن ڏک جو باعث بڻجن ٿا. |
|
| 2 |
|
| بيايمانيءَ وسيلي گڏ ڪيل دولت مان ڪو فائدو ڪونهي، مگر ايمانداري موت کان بچائي سگھي ٿي. |
|
| 3 |
|
| خداوند سچارن کي ڪڏهن بکيو نہ ٿو رکي، مگر بدڪارن جي خواهش کي پورو نہ ٿو ڪري. |
|
| 4 |
|
| سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي. |
|
| 5 |
|
| جيڪو وقت تي فصل ميڙي گڏ ڪري ٿو رکي سو ڏاهو آهي، مگر جيڪو انهيءَ وقت سمهي ننڊون ٿو ڪري، سو خوار خراب ٿو ٿئي. |
|
| 6 |
|
| سچار ماڻهوءَ جي هر ڪو واکاڻ ٿو ڪري. بدڪار بہ پنهنجي زبان سان تہ سندس واکاڻ ڪن ٿا، پر سندن دل ۾ بڇڙائي آهي. |
|
| 7 |
|
| نيڪ ماڻهوءَ جي نالي جو اثر مرڻ کان پوءِ بہ قائم ٿو رهي، مگر بدڪارن جو نالو جلد ميسارجي ٿو وڃي. |
|
| 8 |
|
| ڏاها ماڻهو سٺي صلاح ٻڌي اها مڃين ٿا، مگر بڪواسي بيوقوف ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏين. |
|
| 9 |
|
| جيڪو ماڻهو هميشہ ايمانداريءَ سان ٿو هلي، سو سلامتيءَ سان ٿو رهي، مگر جيڪو بيايماني ٿو ڪري سو نيٺ پڪڙ ۾ ٿو اچي. |
|
| 10 |
|
| جيڪو حقيقت کي لڪائي ٿو، سو ٻين لاءِ تڪليف جو باعث ٿو بڻجي، مگر جيڪو کُليو کُلايو سچ ٿو چئي ڏئي، سو ٻين لاءِ سلامتيءَ جو سبب ٿو بڻجي. |
|
| 11 |
|
| سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين ۾ حياتيءَ جو چشمو آهي، مگر بدڪارن جي ڳالهين ۾ بڇڙائي سمايل آهي. |
|
| 12 |
|
| نفرت جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿي ڪري، مگر محبت سڀني خطائن کي ڍڪي ٿي ڇڏي. |
|
| 13 |
|
| عقلمند جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن، مگر بيعقل جون ڳالهيون سندس پٺيءَ تي لڪڻ ٿيون وساين. |
|
| 14 |
|
| عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪندو ٿو رهي، مگر بڪواسي بيعقل ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي تباهہ ڪريو ڇڏي. |
|
| 15 |
|
| دولت شاهوڪار لاءِ هڪ مضبوط قلعي مثل آهي، مگر غربت غريبن کي ناس ڪريو ڇڏي. |
|
| 16 |
|
| نيڪيءَ سان گذارڻ جو انعام بهتر زندگي آهي، مگر بڇڙائيءَ سان گذارڻ جو انعام وڌيڪ گناهن ۾ غرق ٿيڻ آهي. |
|
| 17 |
|
| جيڪو سيکت تي عمل ٿو ڪري، سو بهتر زندگي ٿو گذاري. مگر جيڪو سيکت کي رد ٿو ڪري، سو گمراهہ ٿي وڃي ٿو. |
|
| 18 |
|
| جيڪو پنهنجي نفرت کي لڪائي ٿو، سو ڪوڙو ماڻهو آهي، ۽ جيڪو گلا غيبت ٿو ڪري سو بيوقوف آهي. |
|
| 19 |
|
| گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي. |
|
| 20 |
|
| سچار ماڻهوءَ جون ڳالهيون خالص چانديءَ مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي سوچ ڪين جهڙي آهي. |
|
| 21 |
|
| سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين مان گھڻا ئي فائدو حاصل ڪن ٿا، مگر بيوقوف ماڻهوءَ جون ڳالهيون ئي کيس وقت کان اڳي ماريو ڇڏين. |
|
| 22 |
|
| گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي. |
|
| 23 |
|
| بيعقل کي بدڪاريءَ مان مزو ٿو اچي، مگر سمجھہ وارو ڏاهپ مان لطف حاصل ٿو ڪري. |
|
| 24 |
|
| سچارن کي سندن خواهش موجب ئي نوازيو ويندو، مگر بدڪار جنهن ڳالهہ کان ڊڄن ٿا سا ئي مٿن اچي پوندي. |
|
| 25 |
|
| مصيبت جي وقت بدڪار ماڻهو ائين فنا ٿي ويندا، جيئن واچوڙو شين کي اڏائي گم ڪريو ڇڏي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي جاءِ تي هميشہ قائم وَ دائم رهندا. |
|
| 26 |
|
| جهڙيءَ طرح سرڪو ڏندن ۾ ۽ دونهون اکين ۾ سوزش پيدا ٿو ڪري، تهڙيءَ طرح سُست نوڪر مالڪ لاءِ تڪليف جو سبب ٿو بڻجي. |
|
| 27 |
|
| خداوند جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو، مگر بدڪار جي حياتيءَ جا ڏينهن گھٽجي ٿا وڃن. |
|
| 28 |
|
| سچارن جي اميد پوري ٿيڻ سان کين خوشي عطا ٿئي ٿي، مگر بدڪارن جي اميد ڪڏهن بہ پوري نہ ٿي ٿئي. |
|
| 29 |
|
| سڌي واٽ تي هلڻ وارن لاءِ خداوند جاءِپناهہ آهي، مگر بدڪارن لاءِ هن وٽ بربادي آهي. |
|
| 30 |
|
| سچارن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو، مگر بدڪارن جو ملڪ ۾ نالو نشان بہ نہ رهندو. |
|
| 31 |
|
| سچارن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون نڪرنديون رهنديون، جڏهن تہ ڪوڙن جي زبان وڍي ويندي. |
|
| 32 |
|
| سچار ماڻهو صحيح ڳالهہ ڪرڻ ڄاڻين ٿا، مگر بدڪار ماڻهوءَ کي صحيح ڳالهہ ڪرڻ جي ڄاڻ ئي ڪونهي. |
|
|
|
|